Thursday , April 25 2024

ڏکڻ سوڊان مان بدين واسي انجنيئر اياز جمالي اغوا ٿي ويو

rabeles sudan

ڏکڻ سوڊان جي اپر نائل علائقي ۾ تيل ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ بدين واسي پاڪستاني انجنيئر کي باغي اغوا ڪري وريا آهن، مغوي اياز جمالي جي ڀاءُ الطاف جمالي جو چوڻ آهي ته سوڊاني باغين سندس ڀاءُ سان گڏ يو اين او جي ٻن ٻين ملازمن کي به اغوا ڪري ويا آهن.

ڏکڻ سوڊان جي اپر نائل صوبي مان سوڊاني باغي بدين واسي پاڪستاني انجنيئر اياز جمالي کي اغوا ڪري ويا آهن.

مغوي پاڪستاني انجنيئر اياز جمالي جي ڀاءُ الطاف حسين جمالي ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته، سندس ڀاءُ سوڊان ۾ هڪ تيل ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهي، جتي آچر ڏينهن صبح جو پنهنجي ڊيوٽي تي ويندي اغوا ٿي ويو آهي.

Ayaz Jmaliاياز جمالي

هن چيو ته، سواڊاني باغي سندس ڀاءُ سان گڏ يو اين او جي ٻن ملازمن کي به اغوا ڪري ويا آهن، جنهن جو اطلاع اتي موجود سندس ٻئي ڀاءُ فون تي اطلاع ڪيو.

سوڊان ۾ باغين هٿان اغوا ٿي ويل بدين واسي انجنيئر اياز جمالي جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ لاهور جي هڪ ڪانٽريڪٽر ڪمپني جي معرفت سوڊان ويو، ان ڪمپني جي اختيارين سان رابطو ڪيو پر انهن ڪو به جواب ناهي ڏنو ۽ نه ئي سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *