Saturday , April 20 2024

”ڏهه رپين جي ماني پندرنهن رپين جو نانُ، واهه واهه اهو آ نئون پاڪستان“: بلاول ڀٽو زرداري

گلگت( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو وري وزيراعظم عمران خان ۽ حڪومت جي نئين پاڪستان واري نعري تي ڇتي تنقيد ڪندي چَٿُرَ واري انداز ۾ چيو آهي ته، ”10 رپين جي 15 رپين جو نانُ، واهه واهه اهو آ نئون پاڪستان“. بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، نئين پاڪستان وارن پراڻي پاڪستان جي بنياد لوڏي ڇڏيا آهن. چونڊن کان اڳ عوام کي وڏا وڏا خواب ڏيکاريا ويا، جيڪي ماڻهن کي ياد آهن پر هو پاڻ ويساري ويٺا آهن. بلاول ڀٽو حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته کين ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ مان فرصت ملي ته معيشت ڏانهن ڌيان ڏين، اڃا 100 ڏينهن به پورا ناهن ٿيا 100 کان وڌيڪ ته يوٽرن وٺي چڪا آهن. نئين پاڪستان جي نالي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جو رستو روڪينداسين ۽ کين پاڪستان کي سندن تجربي گاهه بڻجڻ نه ڏينداسين. جيڪي قرض وٺڻ تي آپگهات ترجيح ڏين پيا اهي قرض ملڻ تي مٺايو ورهائي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڏهن رپين جي ماني، 15 رپين جو نان اهو آهي نئون پاڪستان، واهه ڙي واهه عمران خان. ملڪ سخت مالي پريشانين کي کي منهن  ڏئي رهيو آهي ۽ معاشي صورتحال انتهائي خرب آهي ۽ ملڪ ۾ ۾ قيادت جو بحران آهي، پر حڪمرانن کي ڪا به پرواهه ناهي. هن چيو ته، وڙهڻ کان سواءِ کين ٻيو ڪو ڪم نٿو اچي، هي ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍندا. بلاول ڀٽوزرداري جو چوڻ هوته ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ضد ۽ انا کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته نئين پاڪستان ۾ مشاورت، برداشت، اظهار جي آزادي ۽ پارليامنٽ جو ادب نه هلندو، هتي اهو ئي ٿيندو جيڪو خان صاحب فرمائيندو ۽ اهو ئي هلندو رهندو جيڪوڪينٽينرن تي ٿيندو رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي جدوجهد عوام جي حڪمراني تي ٻڌل آهي، گلگت ۾ شهيد بي بي سول سيڪريٽريٽ قائم ڪيو، عدالتي نظام ۾ بهتري آندي، پر گذريل حڪومت گلگلت بلتستان جي خودمختياري تي حملا جاري رکيا. پ پ چيئرمين چيو ته اڄڪلهه تبديلي جا واعدا ڪيا پيا وڃن، تبديلي جي شروعات گلگت بلستان فنڊ ۾ 4 ارب جي ڪٽوتي سان ڪئي وئي ۽ 18 رٿائن کي ختم ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *