Friday , March 29 2024

ڏهرڪي ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي سان مبينا ڏاڍائي وارو مامرو

ڏهرڪي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڏهرڪي ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي سان مبينا زيادتي واري معاملي جو الزام هيٺ آيل استاد ۽ پرنسپال خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، شاگردياڻيءَ جي طبي چڪاس بعد جزا روهڙي ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، الزام هيٺ آيل استاد جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي کيس خود خط لکندي هئي ۽ فون تي ڳالهائيندي هئي، زيادتي ۽ وڊيو ٺاهڻ وارا الزام بي بنياد آهن. ڏهرڪي ۾ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي سان مبينا زيادتي واري معاملي جو الزام هيٺ آيل استاد ۽ پرنسپال خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل شاگردياڻيءَ جي تعلقه اسپتال ڏهرڪي ۾ طبي چڪاس ڪري سندس جزا ورتا ويا، جيڪي روهڙي ليبارٽري ڏانهن اماڻيا ويا آهن. شاگردياڻي جي وارثن گذريل ڏينهن الزام هيٺ آيل ماستر کي سوگهو ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد پوليس حوالي ڪيو هو، جڏهن ته اسڪول جو پرنسپل فرار ٿي ويو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي. الزام هيٺ آيل استاد جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي کيس پاڻ خط لکندي هئي ۽ فون تي ڳالهائيندي هئي، زيادتي ۽ وڊيو ٺاهڻ وارا الزام بي بنياد آهن.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *