Tuesday , April 16 2024

ڏهرڪي ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار 4 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو، ڪو به چونڊيل نمائندو متاثرن وٽ نه پهتو

گهوٽڪي (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ڏهرڪي ويجهو پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار چار انساني جانيون ڳڙڪائي ورتيون، پوليس روايتي ڪردار نڀائيندي اطلاع ڏيڻ باوجود 3 ڪلاڪن کانپوءِ پهتي، جوابدارن پاڻ پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي. ڦٽجي پيل واقعي واري هنڌ بي يارو مددگار پيل رهيا، مجبورن وارثن لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته فوتين مان ٻن جو موت گهڻو رت وهڻ ۽ اسپتال دير سان پهچڻ سبب ٿيو آهي. ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ اميد علي پتافي ۾ ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان هلندڙ تڪرار تان جوابدارن حملو ڪري 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويلن ۾ نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر قالو پتافي ۽ الله وڌايو پتافي ۽ سئوٽ سونارو پتافي شامل آهن، هڪ زخمي جيڪو اسپتال دير سان پهچڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي، ان جو نالو معلوم ناهي ٿي سگهيو. حملو ڪندڙ ٽن مک جوابدار انور علي پتافي، اصغر علي پتافي ۽ اختر علي پتافي کينجهو ٿاڻي پهچي پاڻ گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي. جوابدارن جو چوڻ آهي ته، مقتولن اسان جي ننگن ۾ هٿ وڌا، انڪري اسان کي غيرت اچي وئي ۽ کين قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بابت ڀرپاسي جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته، جيئن ئي جوابدارن فائرنگ ڪي ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پر انهن جي ڊگهي پڇاڻي ۽ ان باوجود به مهل سان واقعي واري هنڌ نه پهتي. جوابدار انڌادنڌ فائرنگ ڪري هليا ويا، گوليون لڳڻ سبب ٻه ڄڻا ته ٿڏي تي مارجي ويا، باقي زخمي تڙپندا رهيا پر ڪير به پوليس جي ڀؤ کان ويجهو نه آيو، جنهن جي نتيجي ۾ زخمين مان به 2 ڄڻن دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو انگ 4 ٿي ويو.

مارجي ويلن ۾ ٻه سڳا ڀائر قالو پتافي ۽ الله وڌايو پتافي ۽ سئوٽ سونارو پتافي قتل ٿي ويا. گوليون لڳڻ ڪري پيءُ پٽ قائم الدين ۽ شبير پتافي، علي گوهر پتافي زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن پاران بروقت کينجهو ٿاڻي جي حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، زخمي ٽن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ تڙپندا رهيا. ڳوٺاڻن زخمين کي ڏهرڪي اسپتال پهچايو. پيءُ پٽ قائم الدين ۽ شبير جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري رحيم يار خان نيو ويو. مقتول جا لاش ٽن ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا پر پوليس نه پهتي. وارث ٽن ڪلاڪن بعد ڊاٽسن ۾ لاش کڻائي ڏهرڪي اسپتال پهتا. قتل ٿيل قالو پتافي ۽ الله وڌايو پتافي جي ڀاءُ محمد بچل پتافي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته انور پتافي ۽ اصغر پتافي سان زمين جي ٺيڪي تان مسئلو هلندڙ هو، ڪالهه اسان جي ڪڻڪ جي فصل کي باهه به ڏني وئي. اهڙو اطلاع کينجهو ٿاڻي به ڏنوسين پر پوليس واهر نه ڪئي. اڄ صبح جو سوير منهنجا ڀائر ۽ سئوٽ لابارو ڪرڻ لاءِ زمين تي وڃي رهيا هئا ته اصغر ۽ انور پتافي جي ڌر جي 10 هٿياربند زمين ۾ لڪي ويٺل هئا جن فائرنگ شروع ڪري ڏني. نتيجي منهنجا ٻه ڳڀرو ڀائر قتل ٿي ويا ۽ سوٽ سونارو به قتل ٿي ويو. قتل ٿي ويل سونارو جي پٽ نظير پتافي ٻڌايو ته اسان جي ماڻهن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، ظالمن اسان جو ويڙهو ئي ويران ٿي ويو. ايڏو وڏو تڪرار نه هو، بس معمولي جهيڙي تان اصغر ۽ انور جي ڌر اسان جي خالي هٿين ويل ماڻهن مٿان فائرنگ ڪري 4 نوجوان قتل ڪياويا آهن. قاتل ۽ مقتول ڌر پاڻ ۾ سڳا سوٽ آھن. ٻنهي ڌرين ۾ رشتيداري به ٿيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *