Saturday , April 20 2024

ڏهرڪي ڀرسان ٽرين جو ڪار کي ٽڪر، زال مڙس هڪ پٽ سوڌو فوت

ڏهرڪي ڀرسان ٽرين جو ڪار کي ٽڪر، هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ڀاتي اجل جو شڪار

گهوٽڪي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڏهرڪي ڀرسان اعواڻ ڳوٺ وٽ ٽرين جي ٽڪر۾ ڪارو سوار زال مڙس ۽ سندن هڪ پٽ فوت ٿي ويا، زخمي ٿيل سندن هڪ معصوم پٽ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جي حالت به انتاهي خراب ٻڌائي پئي وڃي. اعواڻ ڳوٺ ويجهو بنا ڦاٽڪ واري ڪراسنگ پل وٽ پشاور کان ڪراچي ويندڙ خيبر ميل ايڪسپريس جو ڪار کي ٽڪر لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ ڏهر واهه ۾ ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ ڏهرڪي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو هيڊماستر حضوربخش لغاري، سندس گهرواري ۽ سندن هڪ پٽ ٿڏي تي فوت ٿي ويا، حضور بخش جو 6 سالن جو پٽ زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. خوفناڪ حادثي جو شڪار ڪٽنب ڏهرڪي کان پنهنجي ڳوٺ نظر محمد لغاري وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار بڻجي ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *