Saturday , April 20 2024

ڏهرڪي ڀرسان ٻن ريل گاڏين ۾ ٽڪر، 42 مسافر اجل جو شڪار، ريل گاڏين جي اچ وڃ معطل

ڏهرڪي( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ڏهرڪي ويجهو ٻن ريل گاڏين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن سميت 40 مسافر اجل جو شڪار بڻجي ويا 60 کان وڌيڪ مسافر زخمي، چئن ڪلاڪن تائين مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروايون ڪري فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. ڏهرڪي جي ريتي ريلوي اسٽيشن ويجهو ملت ايڪسپريس ۽ سرسيد ايڪسپريس ۾ خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 40 مسافر فوت ۽ 60 کان وڌيڪ مسافر فوت ٿي  ويا. ساڍا ٽي وڳي کان 4 وڳي درميان حادثي جو اطلاع ملڻ تي ريتي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون، ڳوٺاڻن ابتدائي طوور تي حادثي جي نتيجي سميت فوتين جا لاش ۽ زخمين کي بوگين مان ٻاهر ڪڍڻ شروع ڪيو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت فوتين جا مڙهه ۽ زخمين  کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي.

ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ملت ايڪسپريس ڪراچي کان لاهور طرف وڃي رهي هئي ته ڏهرڪي ويجهو ريتي ريلوي اسٽيشن کان هڪ ڪلوميٽر پهريان ان جون ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه مسافر فوت ۽ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا هئا، ٽرين ۾ سوار بچي ويل بوگين جي مسافرن پاران امدادي ڪارروايون شروع ڪيون  ويون ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺاڻن کي مدد لاءِ سڏ ڪيا ويا.

مسافرن جو چوڻ آهي ته امدادي ڪارروايون جاري هيون ته لاهور کان ڪراچي ويندڙ سرسيد ايڪسپريس اڳ ئي پٽڙي تان لهي ويل ملت ايڪسپريس جي بوگين سان ٽڪرائجڻ سبب هڪ ٻيو حادثو پيش آيو. ٽرين حادثي جي نتيجي ۾ آخري اطلاعن تائين 42 مسافر فوت ۽ 60 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. حادثي جي نتيجي ۾ فوتين ۽ زخمين ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن. حادثي جي نتيجي ۾ اپ ۽ ڊائون ٽريڪ تي ريل گاڏين جي اچ وڃ مڪمل طور تي معطل آهي، سمورين ريل گاڏين کي ويجهين ريلوي اسٽيشنز تي بيهاريو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *