Friday , April 19 2024

ڍورو نارو واسي نور محمد جادماڻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر

  Noor-Mohammad-Jadmani2

اڳوڻو سفارتڪار نورمحمد جامداڻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو نئون چيئرمين مقرر ڪيوم ويو آهي.

سنڌ پبلڪ سورس ڪميشن جو مقرر ڪيل نئون چيئرمين نور محمد جامداڻي (ڪنڀر) عمر ڪوٽ جي ڍورو نارو شهر جو رهواسي آهي، جيڪو  مختلف نوڪريون ڪرڻ دوران انتهائي اهم عهدن تي رهيو آهي.

نور محمد جامداڻي عمرڪوٽ جي ڍورو نارو شهر ڀرسان ڳوٺ ساڍر ۾ علائقي جي معزز ۽ فرض شناس استاد عبدالرزاق عرف ماستر جئيرو جامداڻي (ڪنڀر) جي گهر ۾ جنم ورتو.

نور محمد جامداڻي مخختلف نوڪريون ڪندي ايمبيسڊر جي عهدي تي پهتو، هُو جاپان ۽ ايران سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاڪستان جي سفير طور پنهنجا فرض نڀايا.

Noor-Mohammad-Jadmani3

نور محمد جامداڻي 1980 کان پرڏيهي مامرن (فارين افيئرس) واري کاتي ۾ پنهنجا فرض ادا ڪندي، گڏيل قومن (يو اين او) ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪئي، جنهن دوران هُوکٽمنڊو، برسليس ۽لاس اينجلس ۾  به فرضن جي ادائيگي ڪندو رهيو.

Noor-Mohammad-Jadmani1

نورمحمد جامداڻي کي سنڌ حڪومت پهرين اپريل تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

JAMDANI

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *