Thursday , March 28 2024

ڌرڻو ختم ڪرائڻ دوران 6 ڄڻا مارجي ويا، چوڌري نثار۽ زاهد حامد جي گهرن تي حملا،300کانوڌيڪ زخمي

احتجاج ڪندڙن آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي ڏنڊن سان گڏ گليلن سان پٿر ۽ بلورن سان نشانو بڻايو، مٿن پٿرن جو مينهن وسايو ويو،آپريشن ڪندڙ اهلڪارن وقفي وقفي سان ڳوڙها آڻيندڙ گئس، رٻڙ جون گوليون ۽ واٽر ڪينن استعمال ڪيا، پهرئين مرحلي ۾ ڌرڻو هڻندڙن جي خلاف واٽر ڪينن جو استعمال ڪندي سندن خيما پٽ ڪيا ويا. پوليس ۽ ايف سي جي ڪوشش رهي ته ڪنهن به طريقي سان هن احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ملان خادم حسين جي ڪئمپ تائين پهچي کيس گرفتار ڪن پر مولوي پنهنجي حفاظت جي لاءِ ماڻهن جي وڏي انگ کي سامهون ڪري پاڻ پويان ساڳي جاءِ تي بيٺو رهيو، اسٽيج تان رياست ۽ حڪومت جي خلاف هٿيار کڻڻ جا اعلان ٿيندا رهيا، پوليس هڪ موقعي تي انهي اسٽيج جي ويجهو به پهچي وئي پر مولوي کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن تي انهي آپريشن ۾ ڌرڻو هڻندڙن سخت تشدد ڪيو.

ڪيترن ئي موقعي تي اهلڪارن کي پوئتي پيرڪرڻا پيا، مزاحمت، پٿراءُ ۽ ڏنڊا لڳڻ جي ڪري 200 سئو کان مٿي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن ۾ 60 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار، 50 کن ايف سي اهلڪار، جڏهن ته باقي ڌرڻو هڻندڙ شامل هئا، ميڊيا رپورٽن موجب آپريشن دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترن ئي موقعن تي احتجاج ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو، زخمين کي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو، زخمين ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالهادي، ڊي ايس پي پوليس عارف شاهه ۽ ٻن ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز شامل آهن، جن کي پمز اسپتال ۾ طبي امداد جي لاءِ داخل ڪيو ويو، آپريشن کان اڳ ٻنهي شهرن جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. آپريشن جي دوران پنجن هنڌن تان پوليس ۽ ايف سي ڪارروائي ڪري احتجاج ڪندڙن کي سوگهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر چئن ڪلاڪن جي ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ پوليس ناڪام رهي، ٻئي طرف آپريشن کانپوءِ راولپنڊي ۾ شديد احتجاج ٿيندو رهيو، مختلف ٽولين ۾ مدرسن مان ماڻهو نڪرندا نعرا هڻندا پوليس سان وڙهندا رهيا.

مري روڊ تي سمورو ڪاروبار بند ٿي ويو، مظاهرين پوليس جي ڏهه گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڪيترن موقعن تي احتجاج ڪندڙ ميٽرو  اسٽيشن تي حملا ڪندا رهيا، ڪالهه 7 ڪلاڪن تائين راولپنڊي ۾ پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ جهڙپون ٿينديون رهيون. احتجاج ڪندڙن راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مک رستن کي بلاڪ ڪري ڇڏيو، موٽر وي کي مختلف هنڌن تان رڪاوٽون وجھي بند ڪيو ويو، مظاهرين اڳوڻي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان جي فيض آباد واري گھر تي حملو ڪيو، پٿراءُ بعد پوليس پهرئين مرحلي ۾ مظاهرو ڪندڙن کي ڀڄائي ڇڏيو پر بعد ۾ ٻيهر احتجاج ڪندڙ پهچي ويا، جن چوڌري نثار جي گھر ڀرسان هڪ عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته چوڌري نثار جي گھر جي مک دروازي کي به تيلي ڏئي ساڙيو ويو، انهي موقعي تي چوڌري نثار گھر ۾ موجود نه هو، پوليس انهي موقعي تي پوئتي پير ڪيا، اسلام آباد جي آس پاس ۽ راولپنڊي ۾ حڪومت ۽ انتظاميه مڪمل ناڪام ٿي وئي رستن تي احتجاج ڪندڙن جو راڄ هو.

ٻئي طرف وفاقي حڪومت اسلام آباد جي حدن ۾ امن امان لاءِ فوج کي مدد لاءِ طلب ڪري ورتو، گهرو وزارت پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 245 تحت اسلام آباد جي حدن ۾ فوج کي مدد لاءِ طلب ڪيو ٿو وڃي. فوج دهشتگردي ٽوڙ واري ايڪٽ 1997ع تحت پنهنجون ذميواريون نڀائيندي، حڪم موجب فوجي جوانن جي گهربل انگ جو تعين 111 برگيڊ ڪندي ۽ فوج سول انتظاميا جي امن امان جي بحالي ۾ مدد فراهم ڪندي، گهرو وزارت جو جاري ڪيل حڪم نامو ايندڙ نئين حڪم تائين برقرار رهندو، اهو حڪم 25 نومبر 2017ع کان لاڳو هوندو، جڏهن ته ان حڪم نامي جي ڪاپي وزيراعظم سيڪريٽريٽ، ڊي جي رينجرز پنجاب، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي پوليس اسلام آباد، ملٽري آپريشن ڊائريڪٽوريٽ جي ايڇ ڪيو سميت لاڳاپيل ادارن کي به ڪاپي اماڻي وئي آهي. ٻئي طرف ڌرڻو هڻي ويٺل مذهبي جماعت تحريڪ لبيڪ يا رسول الله صه جي اڳواڻ خادم حسين رضوي زاهد حامد جي استعيفيٰ جي مطالبي کانپوءِ سموري وفاقي ڪابينا جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندن چوڻ آهي ته هاڻي شهيدن جا لاش دفنائڻ کانپوءِ ڳالهيون ڪنداسين، ڪو پير يا عالم اسان کي ڳالهين لاءِ نه چوي، حڪومت سان ڳالهين جو فيصلو صرف اسان جي ڪاميٽي ڪندي، هن چيو ته حڪومت پويان آمريڪي ۽ قادياني لابي آهي، اسين ڌرڻي ۾ ٿيل نقصان جو حساب وٺنداسين. ٻئي طرف اشرف آصف جلالي سومر تي سڄي ملڪ ۾ ڦيٿاروڪ هڙتال جو اعلان ڪندي چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله به وڏو مسئلو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *