Friday , March 29 2024

ڌرتيءَ جو شاعر جمن ” دربدر “ دل جي بيماري سبب اسپتال داخل

ڪراچي ( سنڌسماءَچار نيوز) وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو جهڙين امر سٽون سرجيندڙ ڏات ڌڻي، سنڌي ٻولي جو ناميارو ۽ ڌرتيءَ جي شاعر ” جمن دربدر “ کي دل جي عارضي سبب، ڪراچي جي دل جي مرضن واري اين آءِ سي وي ڊي اسپتال (جناح اسپتال) ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جمن دربدر جي وارثن جو چوڻ آهي ته، کيس  10 هين آڪٽوبر تي شام ڌاري اوچتو دل جو دور پيو، جنهن بعد کيس فوري طور تي ڪراچي منتقل ڪيو ويو. سنڌ جي مٽيءَ جهڙي محبوب خوشبوءَ جهڙي شاعر جمن دربدر کي اي آءِ سي وي ڊي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرڻ بعد ڊاڪٽرن سندس طبعيت جي ناسازي کي نظر ۾ رکندي، اسپتال جي انتهائي نگهداشت / آءِ سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو آهي. وارثن مطابق جمن دربدر جون مختلف ٽيسٽس ڪيون پيون وڃن جيئن ئي رپورٽس اينديون ته وڌيڪ علاج شروع ڪيو ويندو.

جمن دربدر سنڌي ٻولي جو نه رڳو ڀلوڙ شاعر پر سنڌ ، سنڌي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ سان عشق ڪرڻ وارو شاعر آهي، جنهن ڪڏهن به سون تي سيڻ ناهن مٽايا. جمن سدائين فقيراڻي حال ۾ سنڌ سان عشق جي ڪيل پهرين وچ کان وٺي هن عمر تائين پنهنجي شاعري جي هڪ هڪ لفظ سان نڀايو آهي، سنڌ کان مٿي کيس ڪنهن ٻي شئي سان محبت جيڪڏهن هئي ته اهو هيو سائين جي ايم سيد ۽ سائين جي ايم سيد به ساڻس ائين ئي محبت ڪندو هو جيئن سيد سنڌ سان محبت ڪئي ۽ جمن دربدر وي سنڌ سان پيار ڪيو آهي.

سنڌسماءَچار سٿ پاران سنڌ واسين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته، جمن دربدر جي صحت يابي لاءِ دعا ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *