Friday , March 29 2024

ڌاڙيلن وٽ جديد ۽ پوليس وٽ پراڻي قسم جا هٿيار آهن، ڪيئن ڪارروايون ڪيون،ايس ايس پي تنوير تنيو جو اعتراف

ڌاڙيلن وٽ جديد ۽ پوليس وٽ پراڻي قسم جا هٿيار آهن، ڪيئن ڪارروايون ڪيون،ايس ايس پي تنوير تنيو جو اعتراف

سنڌ پوليس ڌاڙيلن خلاف آپريشن کان لاچاري ظاهر، سنڌ پوليس جو سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو اعتراف

سکر ( رپورٽر   سنڌ سماءَچار) سنڌ پوليس، اعتراف ڪيو آهي ته، ڌاڙيلن وٽ جهجهي تعداد ۾ اهڙا جديد هٿار آهن آهن جيڪي سنڌ پوليس وٽ ناهن، ڌاڙيلن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگهندا، سکر ڊويزن ۾ ٽِن سالن دوران قتل، اغوائن، گهرن تي حملن سميت خطرناڪ ڏوهن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جا 22 هزارن کان وڌيڪ واقعا رپورٽ ٿيا آهن، رپورٽ ٿيڻ يا ڪيس داخل ٿيڻ کان رهجي ويل ڏوهن جو انگ ان کان الڳ آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ به امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهري ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن ۾ ڏوهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن جا ڊي آءِ جيز، سکر، گهوٽڪي، سميت لاڳاپيل ضلعن جي ايس ايس پيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران پوليس جي پيش ڪيل رپورٽ ۾ عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته، سکر ڊويزن ۾ ٽن سالن دوران 22 هزار 870 ڏوهه ٿيا آهن جن جا ڪيس داخل ٿيا يا رپورٽ ڪيا ويا، اڻ رجسٽر ٿيل يا رپورٽ ٿيڻ کان رهجي ويل ڪيس ان کان علاوه آهن. عدلات آڏو پوليس اعتراف ڪيو آهي ته ڌڙيلن وٽ جديد قسم جا هٿيار آهن، جيڪي پوليس وٽ به ناهن ۽ انهن وٽ اهي هٿيار وڏي تعداد ۾ آهن، پوليس ڏاڙيلن ۽ ٻين ڏوهارين وٽ خاص طور تي ڪچي جي ڏوهارين وٽ جديد هٿيار هجڻ جو اعتراف ڪندي انهن خلاف موثر ڪارروائي/آپريشن ڪرڻ لاچاري جو اظهار ڪيو آهي بيوسي ظاهر ڪري ڇڏي، پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته اسان وٽ نه جديد هٿيار، نه گاڏيون ۽ نه ئي ٻيون سهولتون آهن، ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ به ڏکيو آهي.

 ڪچي ۾ ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ ورتو وڃي ٿو، ڪجهه اغوا ٿيل ماڻهن ته سان ته زيادتي به ٿئي ٿي: ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جو اعتراف

ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو عدالت آڏو اعتراف ڪندي چيو ته ڪچي ۾ ماڻهن کي اغوا ڪري ڀنگ ورتو وڃي ٿو، ڪجهه سان ته زيادتي به ٿئي ٿي، ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ۽ پوليس وٽ پراڻي دور جا هٿيار آهن، ڏاڙيلن خلاف ڪاررواين/آپريشن دوران تمام گهڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. ايس ايس پي جي اهڙي اعتراف تي جسٽس صلاح اللدين پنهور چيو ته گهوٽڪي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿين پيا، امن امان جي صورتحال خراب آهي، هتي ڪير رهندو ۽ ڪير ڪاروبار ڪندو؟، ايترا اهلڪار شهيد ٿي ويا، اوهان کي هاڻ هوش آيو آهي ته هٿيار نه آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *