Thursday , April 25 2024

ڊي سي ڪراچي اولهه  پاران ڪرپشن جي الزامن هيٺ آفيسر کي پوسٽنگ ڏيڻ کان کتو جواب

ميٽروپول هوٽل جي موجودگي کان انڪار ڪندڙ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب خان لنڊ کي پوسٽنگ ڏيڻ کان کتو جواب ملي ويو

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي     سنڌسماءَچار) ڪراچي اولهه ضلعي جي ڊي سي ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل اسسٽنٽ ڪمشنر کي پوسٽنگ ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، اي سي تي سنڌ حڪومت جي صفائي مهم ۽ وڏي وزير جي دورن ۾ شرڪت ۽ بريفنگ ڏيڻ کان انڪار جو به الزام. ڪمشنر ڪراچي به رپورٽ چيف سيڪريٽري کي اماڻي ڇڏي، چيف سيڪريٽري پاران اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي منظوري سان خدمتن ۽ عام انتظامن واري کاتي ( سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن) ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي پاران هلندڙ آڪٽوبر مهيني جي 12 هين تاريخ تي 17هين گريڊ جي آفيسر صاحب خان لنڊ کي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪراچي اولهه ضلعي جي مومن آباد سب ڊويزن مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو، جنهن کي ڊي سي ڪراچي اولهه فياض عالم سولنگي چارج ڏيڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو هو، ڊي سي پاران ڪمشنر ڪراچي معرفت چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه کي خط لکي پنهنجي خدشن کان آگاهه به ڪري ڇڏيو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اولهه فياض عالم پاران ڪمشنر معرفت چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته، ا 12 آڪٽوبر 2019 تي ايس اينڊ جي اي ڊي کاتي پاران اولهه ضلعي جي مومن آباد سب ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو هو، سندس مقرري جو نوٽيفڪيشن اچڻ بعد 13هين آڪٽوبر تي فون تي رابطو ڪري چيو ته هُو فوري طور تي اچي پنهنجي عهدي جي چارج وٺي، ڇو ته ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي صفائي مهم هلي رهي آهي، انڪري پنهنجون ذميواريون سنڀالي صفائي مهم جي نگراني ڪري ۽ پنهنجي سب ڊويزن مومن آباد ۾ صفائي ڪرائي. چيف سيڪريٽري کي اماڻيل خط ۾ ڊپٽي ڪمشنر صاحب خان لنڊ لاءِ اهو به چيو آهي ته، صاحب خان لنڊ تي ماضي ۾ ڪرپشن جا الزام به لڳندا رهيا آهن ۽ نيب ڪرپشن الزامن هيٺ نوٽيسز به جاري ڪري چڪو آهي. ڊي سي فياض عالم خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، هُو اهڙي غيرذميوار ۽ ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل آفيسر کي سندس ضلعي ۾ چارج ڏيڻ نه ٿو چاهي، صاحب خان لنڊ جي مقرري وارو نوٽيفڪيشڻ رد ڪري ڪنهن ٻئي ذميوار آفيسر کي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪراچي اولهه سب ڊويزن مومن آباد مقرر ڪيو وڃي.

(اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب خان لنڊ ۽ ميٽروپول هوٽل جي ڪهاڻي به عجيب ڪهاڻي آهي، هن ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي سب ڊويزن سول لائينز ۾ مقرري دوران هن  ڇا ڇا ڪيو؟؟صرف سنڌسماءَچار تي پر ٿورو انتظار، ڪجهه ليٽرز جو انتظار آهي).

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *