Wednesday , April 24 2024

”ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو ۽ ايم ايس چانڊڪا اسپتال ڪروڙين رپين جون سرڪاري دوائون چوري ڪري کپائڻ جا ذميوار آهن“: صحت کاتي جي جاچ ڪميٽي

ڊي ايڇ او لاڙڪاڻي جي انتظامن هيٺ ايندڙ 4 بنيادي صحت مرڪز 2016 کان بند پيل

ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو چئن صحت مرڪزن جي بجيٽ استعمال ڪندو رهي ٿو

ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو اطهر شاهه بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌ سماچار) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال کي مريضن لاءِ مليل سرڪاري دوائون وڪرو ڪرڻ واري معاملي جي جوڙيل جاچ ڪميٽي رپورٽ اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏي، ڪميٽي اسپتال کي مليل ڪروڙين رپين جون سرڪاري دوائون وڪرو ڪرڻ جو ذميوار ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو سيد اطهر شاهه ۽ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، اسپتال جي سرڪاري دوائن تي ” ناٽ فار سيل “ ( وڪري لاءِ ناهن) جا ليبل / اسٽيمپس هٽائي / ڊاهي دوائون وڪرو ڪيون ويون، ڊي ايڇ او ۽ ايم ايس خلاف ايف آءِ اي يا نيب کان جاچ ڪرائي وڃي. لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال کي مريضن کي مفت ۾ ڏيڻ لاءِ ملندڙ ڪروڙين رپين جي سرڪاري دوائن جي چوري ۽ وڪري واري اسڪينڊل جي جاچ لاءِ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽي پنهنجي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ سيڪريٽري صحت سميت واڳيل اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي رپورٽ ۾ واضح طور تي لکيو آهي ته ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو سيد اطهر شاهه ۽ ايم ايس چانڊڪا اسپتال ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي دوائون چوري ٿيڻ ۽ وڪرو ڪرڻ ۾ سڌا سنوان ملوث آهن.

ڊاڪٽر ارشاد ڪاظمي – ايم ايس چانڊڪا اسپتال

ڪميٽي رپورٽ ۾ چيو آهي ته، ڊي ايڇ او آفيس ۾ سرڪاري دوائن جي سار سنڀال، ورهاست، ميڊيڪل اسٽور جي ذميوارن سميت اڪثر ماڻهو لاڳاپيل شعبن لاءِ گهربل تعليمي قابليت توڙي تجربو رکندڙ نه آهن. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته ڊي ايڇ او ۽ ايس ايم خلاف اينٽي ڪرپشن، نيب يا ايف آءِ  اي کان معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرائي وڃي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو جي انتظامن هيٺ ايندڙ چار بنيادي صحت مرڪز چئن سالن کان غير فعال / بند پي آهين ان جي باوجود به 2016 کان وٺي هيل تائين انهن صحت مرڪزن لاءِ ايندڙ بجيٽ استعمال ٿيندي رهي آهي. ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ لاڙڪاڻي شهر جي قائم شاهه بخاري واري علائقي سميت مختلف علائقن مان نجي  گودامن ۽ اسٽورز تان ڪرورين رپين جون سرڪاري دوائون هٿ ڪيون ويون هيون، جن ڪيسز ۾ ٽي جوابدار گرفتار ٿيل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *