Friday , April 19 2024

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ 24ڪلاڪن اندر پنهنجي بيان تان ڦري ويو

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ به يوٽرن جو ماهر نڪتو، پنهنجي بيان تان ڦري ويو، ڳالهه ٻين کي سمجهه ۾ نه اچڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو (رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ چوڏيهن ڪلاڪن اندر ئي پنهنجي بيان تان ڦري ويو، عرفان بلوچ سومر ڏينهن چيو هو ته، لوڪ فنڪار جگر جلال کي اغوا ناهي ڪيو ويو پر مداحن کيس پاڻ وٽ ترسائي/يرغمال بڻائي رکيو آهي، 24 ڪلاڪن بعد ڊي آءِ جي عرفان بلوچ پنهنجو بيان تبديل ڪري ڇڏيو آهي، عرفان بلوچ دعويٰ  ڪئي آهي ته، سندس گذريل ڏينهن واري بيان جو غلط مطلب ورتو ويو آهي.جنهن بيان ۾ هُن چيو هو ته ”جگر جلال جي اغوا ناهي ڪيو ويو پر کيس مداحن پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو آهي“،اغوا معاملي کي رد ڪندي ڊي آءِ جي چيو هو ته، ”جگر جلال اغوا ناهي ٿيو، پر هو پاڻ تيغاڻين جي محفل ۾ ڳائڻ ويو هو ۽ هُو انهن وٽ محفل ڪرڻ لاءِ ويندو رهندو هو، هن ڀيري هُنن کيس ويهاري ڇڏيو آهي“.

اڄ اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ وضاحت ڪندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نئون بيان ڏنو ۽ تصديق ڪئي ته گذريل ڏينهن شڪارپور ڀرسان ڌاڙيل جگر جلال کي چئن ٻين سندس ساٿين سميت اغوا ڪري ويا، اغو ٿيلن ۾ جگر جلال، سندس پُٽ، ڀاءُ ۽ 2 سازندا شامل آهن. ڊي آءِ جي چيو ته، گذرفيل ڏينهن هُن جاچ جي بنياد تي بيان ڏنو ۽ اصل تصوير ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جگر جلال جي وارثن اُن جي معنيٰ ٻي ڪڍي. عرفان بلوچ جو چوڻ هو ته جيئن ئي جگر جلال جي اغوا ٿيڻ جي خبر پئي ته رات جي وقت ڪچي ۾ آپريشن ڪيو ويو، عام طور تي ڪچي ۾ رات جو آپريشن ناهي ٿيندو پر اسان آپريشن ڪيو ۽ 8 کان 10 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جلد جگر جلال جي اغوا مسئلي کي حل ڪنداسين.

صوبائي  وزير امتياز شيخ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو جگر جلال جي اغوا کان انڪار

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *