Friday , March 29 2024

ڊي آءِ جي سکر 208 پوليس اعملدارن ۽ اهلڪارن کي ڪنهن به پوسٽ تي مقرري لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، فهرست جاري

سکر(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڊي آءِ جي سکر پاران سکر ريجن جا 208 سب انسپيڪٽر ۽ انسپيڪٽر ٿاڻن تي مقرر ڪرڻ لاءِ نااهل قرار ڏيندي اهڙن عملدارن ۽ اهلڪارن جي فهرست به جاري ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ آءِ جي سنڌ جي حڪم تي ڊي آءِ اهلڪارن کي نااهل قرار ڏئي آفيس ۾ لسٽ لڳائي ڇڏي آهي،فهرست مطابق نااهل قرار ڏيڻ جو ڪارڻ تعليمي قابليت نه هجڻ، گهٽ سروس هجڻ، عمر وڌي وڃڻ ۽ مختلف ڪيس داخل هجڻ ڄاڻايو ويو. جاري ڪيل فهرست ۾ ايس ايڇ او انسپيڪٽر نسيم احمد ڀُٽو،انسپيڪٽر محمد اسماعيل بوزدار، ايس آءِ پي سجاد اڪبر راڄپر، ايس آءِ پي اسدالله پرهياڙ، ايس آءِ پي علاؤالدين ڦلپوٽي، سب انسپيڪٽر عبدالحڪيم لانگاهه، ايس آءِ پي ابو بڪر گبول، ايس آءِ پي بدرالدين سومرو، ايس آءِ پي بشير حسن ڀيي، ايس آءِ پي صبغت الله جتوئي،انسپيڪٽر آغا آفتاب پٺاڻ،انسپيڪٽر خالد رضا خلجي، انسپيڪٽر بشير احمد سومري، انسپيڪٽر عبدالرزاق نوناري، ايس آءِ پي قمرالدين مهر، ايس آءِ پي محڪم الدين سيال، ايس آءِ پي عبدالستار پنهيار، عنايت الله مهر، غلام مصطفيٰ سومري، محمد اقبال ڊومڪي، ياسر کوسي،امتياز حسين ڪلهوڙي، محمد لائق گانگهري، خليل احمد سومري، مولا ڏنو ڦلپوٽو، ارشاد علي کوسو، غلام حبيب گوپانگ، مختيار احمد جوڳي، مظهر حسين ڌاريجي، حسين بخش سمنگ، عبدالجبار شيخ، محمد نسيم شيخ، عمر دراز ڄامڙو، غلام اصغر ڏهر، عبدالغفور موجائي، منصور احمد شيخ، ذوالفقار علي ڀنڀري، غلام سرور گلال، سوڀاري خان شيخ، رياض حسين ميتلو، شوڪت علي ڪٻر، ممتاز علي گوپانگ، فيض محمد ناريجو، غلام اڪبر ابوپوٽو، عبدالحق شر، عبدالحفيظ ڄامڙو، واجد علي اوڍو، ذوليخان سولنگي، محمد ابراهيم ميراڻي، غلام حسين ڪلهوڙو، ڏاڙهون خان ميتلو، نويد احمد شيخ، وزير علي بگٽي ۽ ٻين جا نالا شامل آهن.

نااهل قرار ڏنلن ۾ خيرپور جا 68 ۽ گهوٽڪي جا 64 اهلڪار شامل آهن، جڏهن ته ڊي آءِ جي سکر پاران جاري ڪيل لسٽ مطابق سکر ضلعي ۾ به 76 نااهل انسپيڪٽر موجود آهن، لسٽ ۾ ڄاڻايل اهلڪارن کي ٿاڻن تي مقرر ڪرڻ لاءِ واضح طور نااهل قرار ڏنو ويو آهي، جن کي جلد ٿاڻن تان هٽائي قابل ايس ايڇ اوز مقرر ڪيا ويندا.

ڊي آءِ جي سکر پاران جاري ڪيل لسٽ مطابق نااهل قرار ڏنلن مان هن وقت خيرپور ۾ 12، گهوٽڪي ۾ 4 ۽ سکر ۾ 10 انسپيڪٽر ٿاڻن تي مقرر ٿيل آهن، جن ۾ نسيم احمد ڀٽو، اسماعيل بوزدار، عبدالحڪيم لانگاهه، اسدالله پنهيار، صبغت الله جتوئي، ابوبڪر گبول، بدرالدين سومرو ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته هڪ عورت اهلڪار ذُوليخان سولنگي کي پڻ نااهل قرار ڏنلن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *