Thursday , April 25 2024

ڊيرا غازي خان ۾ عورت اسپتال جي در تي ٻار کي جنم ڏنو

ڊي جي خان( سنڌسماءَچار    مانيٽنرنگ ڊيسڪ) پنجاب جي ڊي غازي خان جي، غازي خان ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل عورت کي انتظاميا داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽس مطابق اسپتال انتظاميا منٿون ڪرڻ باوجود هڪ عورت کي داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي موٽائي ڇڏيو. عورت جي مڙس صفدر ميڊيا کي ٻڌايو ته، هو پنهنجي گهر واري کي ويم ڪرائڻ لاءِ اسپتال آندو پر انتظاميا ان کي داخل نه ڪيو ۽ سندس زال تسيلم بيبي اسپتال جي مک در تي ٻار کي جنم ڏنو. ڊي  جي خان جي ڏورانهين علائقي جي ڳوٺ شيرو واسي صفدر موجب اسپتال جي گائني وارڊ جي ڊاڪٽرياڻي منهنجي گهرواري کي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بدران هڪ خانگي اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ چيو، پر غريب هجڻ ڪري هُو خانگي اسپتال نه پي وڃڻ چاهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *