Friday , March 29 2024

ڊسپينسر نشي جي نشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال ۾ مريض عورتن سان مبينا بدتميزي

چانڊڪا اسپتال ۾ ڊسپينسر پاران نشي جي حالت ۾ مريض عورتن سان بدتميزي، ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس حوالي

لاڙڪاڻو(خاص نمائن دو ) چانڊڪا اسپتال جو ڊسپينسر نشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي يورولوجي وارڊ ۾ مريض عورتن سان مبينا طور بدتميزي ڪندي پڪڙجي پيو، عورتن جي  وارثن کيس ڪٽڪو ڏئي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، چانڊڪا اسپتال جي يورولاجي وارڊ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڊسپينسر نثار لاڙڪ کي مريضن جي وارثن سوگهو ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ مٿس الزام لڳايو ويو ته هو نشي ۾ ڌت هو ۽ عورت مريضن سان بدتميزي ڪري رهيو هو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهتي ته جوابدار کي اهلڪارن حوالي ڪيو ويو. ڊسپينسر جي اهڙي عمل خلاف مريضن جي وارثن اسپتال ٻاهران احتجاج ڪيو. هنن دانهيو ته مجبوري وچان مريض عورتن کي داخل ڪرايون ٿا، ملازم شراب پي انهن سان بدتميزي ڪن ٿا، هنن اسپتال انتظاميه ۽ صحت جي اعليٰ اختيارين کي واقعي جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڊسپينسر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو آهي، تصديق ٿي آهي ته کيس شراپ پيتل هئي، مٿس ڪيس داخل ڪيو ويندو.

Friends Plz like/ follow official FB Page of our news website سنڌسماءَچار  for news updates thanks

https://www.facebook.com/sindhsamaacharcom-240050429723966/

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *