Friday , March 29 2024

ڊجيٽل آدمشماري؛ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو فارمولو؟

ڊجوري سسٽم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ واري تجويز به پيپلزپارٽي، خاص طوور تي آصف زرداري ڏني هئي، جنهن کي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه قبول ڪيو هو. ڊجوري سسٽم تحت ملڪ جي ڪنهن به حصي رهائش اختيار ڪندڙ جيڪڏهن ان هنڌ تي ڇهن مهينن کان وڌيڪ وقت رهندڙ آهي ته اُهو ان جو ڪو به دستاويزي ثبوت پيش ڪرڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ پاڻ کي ان علائقي/ صوبي جو رهائشي ڳڻائي سگهندو.

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي ۽ ان جي سنڌ حڪومت اين ايف سي مان آمدني جي بنياد تي اين ايف سي ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ دڳ ڪڍڻ بدران سنڌين کي القيت ۾ تبديل ڪرڻ جو رستو اختيار ڪيو، ڊجيٽل آدمشماري 2023 ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ جهڙو خطرناڪ شرط قبول ڪيو؛ هاڻي اسان کي صرف ٻولي ئي بچائي سگهي ٿي. پاڪتان جي ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماري ۽ گهر شماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ ۽ ” ڊجوري” سسٽم تحت آدمشماري ڪرائڻ واري شرط بابت گڏ ڪيل معلومات موجب، اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي (پارليامينٽيرينز) جي صدر آصف زرداري وفاق کان اين ايف سي ۾ حصو وڌيڪ وٺڻ لاءِ آدمشماري جو ڊجوري سسٽم قبول ڪيو، جيئن وڌيڪ آبادي جي ڳڻپ سان آبادي جي ورڇ واري بيناد تي اين ايف سي مان ملندڙ فنڊز جا ڪجهه ارب رپيا وڌيڪ حاصل ڪري سگهجن. سنڌسماءَچار پاران گڏ ڪيل معلومات موجب، ڊجوري سسٽم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ واري تجويز به پيپلزپارٽي، خاص طوور تي آصف زرداري ڏني هئي، جنهن کي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه قبول ڪيو هو. ڊجوري سسٽم تحت ملڪ جي ڪنهن به حصي رهائش اختيار ڪندڙ جيڪڏهن ان هنڌ تي ڇهن مهينن کان وڌيڪ وقت رهندڙ آهي ته اُهو ان جو ڪو به دستاويزي ثبوت پيش ڪرڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ پاڻ کي ان علائقي/ صوبي جو رهائشي ڳڻائي سگهندو. ان ڊجوري سسٽم تحت ڪو به غيرقانوني طور ترسيل غيرملڪي پاڻ کي پاڪستاني ظاهر ڪري آدمشماري ڳڻي سگهندو، جنهن سان اهڙو شخص ان صوبي جو قانوني طور شهري ليکيو ويندو، جيڪو عمل شهريت حاصل ڪرڻ جون هڪ انتهائي آسان طريقو ثابت ٿيندو.

سنڌ ۾ آباد غيرقانوني پرڏيهين  جي انگن اکرن بابت سنڌسماءَچار پاران جڏهن هڪ وفاقي اداري جي ذميوار عملدار سان رابطو ڪيو ويو ته هن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته؛ “2020 تائين ڪيل هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ محتاط اندازي مطابق هڪ ڪروڙ 30 لک  غيرقانوني پرڏيهي رهن ٿا، جن ۾ اڪثريت افغانين جي آهي، ايراني، بنگالي، برمي به انهن ۾ شامل آهن”، سندس چوڻ هو ته، ”، 2022 دوران افغاني پاڪستان آيا آهن، انهن جو انگ به 30 لکن جي لڳ ڀڳ آهي؛ انهن سمورن غيرقانوني پرڏيهين جي وڏي آبادي سنڌ ۾ رهي ٿي”.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *