Thursday , March 28 2024

ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ هڪ ڀيرو ناڻي جي وزارت جو قلمدان سنڀالڻ وارو، برگيڊيئر(ر) اعجاز شاهه گهرو وزير مقرر

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ناڻي  جي وزارت جو اڳوڻو وزير ۽ سنڌ جي ناڻي کاتي جو اڳوڻو وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ هڪ ڀيرو ٻيهر ناڻي واري وفاقي وزارت جو قلمدان سنڀاليندو، حفيظ شيخ کي وزيراعظم عمران خان وفاقي ڪابينا ۾ ردوبدل ڪندي وزيرن، معاونن ۽ صلاحڪارن جا قلمدان تبديل ڪندي ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ کي ناڻي واري وزارت لاءِ پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي، آءِ بي جو اڳوڻو سربراهه ۽ تڪراري شخص اعجاز شاهه کي گهرو وزارت جو وزير بڻايو ويو آهي، فواد چوڌري، غلام سرور خان، شهريار آفريدي جا قلمدان تبديل، حفيظ شيخ کانسواءِ ٻين جا نوٽيفڪيشنز جاري. وزير اعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۽ ڪيبينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق، آءِ بي جي اڳوڻي سربراهه برگيڊيئر (ر) اعجاز شاهه وفاقي گهرو وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

محمد ميان سومرو کان هوابازي واري وزارت جو قلمدان واپس وٺي پيٽروليم وڌبابت وزيراعظم جي صلاحڪار غلام سرور خان کي ڏنو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق پيٽروليم واري وزارت جو قلمدان سرور خان کان واپس وٺي کيس هوابازي واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم گهرو وزارت جي مملڪتي وزير کان سندس قلمدان واپس وٺي رياستي ۽ سرحدي معاملن بابت مملڪتي وزير (سيفران) جو قلم دان ڏنو ويو آهي. ڪيبينيٽ ڊويزن جي نوٽيفڪيشن مطابق، محمد ميان سومري کي صرف نجڪاري واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

ظفر الله مرزا کي وزير اعظم جو نيشنل هيلٿ بابت صلاحڪار بڻايو ويو آهي جڏهن ته فردوس عاشق اعواڻ کي وزير اعظم جي سڌُ سماءَ بابت خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. عبدالحفيظ شيخ کي ناڻي وارو صلاحڪار بڻايو ويو آهي ۽ في الحال سندس نوٽيفيڪشن جاري ناهي ڪيو ويو. اعظم سواتي کي پارليماني معاملن بابت وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. وزير اعظم آفيس جي ترجمان موجب نديم بابر کي وزير اعظم جو پيٽروليم ڊويزن بابت خاص مددگار جڏهن ته ظفر الله مرزا کي قومي صحت بابت مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب علي امين گنڊاپور کان ڪشمير معاملن، عامر محمود ڪيان کان قومي صحت ۽ طارق بشير چيما کان هائوسنگ جي وزارت به واپس ورتي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم واري وزير کان استعيفيٰ ناقص ڪاڪردگي جي بنياد تي ورتي وئي آهي. ذريعن موجب مونس الاهي کي هائوسنگ واري وزارت ڏيڻ جا امڪان آهن. ان حوالي سان فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغام چيو آهي ته وزير اعظم وفاقي ڪابينا ۾ ڦير ڦار جو فيصلو ڪيو آهي ۽ وزير اعظم آفيس ان حوالي سان اعلان ڪندي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *