Thursday , April 18 2024

ڊاڪٽر ديپڪ ڪيس، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڊاڪٽر ديپڪ جو ضرورت پوڻ تي پرڏيهه مان علاج ڪرائي کيس 50 هزار ماهوار خرچ ادا ڪري، ڊي آءِ جي عرفان بلوچ خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) لڳ ڀڳ ساڍا چار سال اڳ شڪي پوليس مقابلي ۾ ڄنگهه ۾ گولي هڻي زخمي ڪيل ڊاڪٽر ديپڪ ڪمار ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ديپڪ ڪمار جو علاج پرڏيهه مان ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ خلاف ڪيس داقخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدينب پنهور تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ، ڪجهه سال اڳ حيدرآباد پوليس پاران ڏوهاري ڄاڻائي جڙتو مقابلي ۾ زخمي ڪيل ڊاڪٽر ديپڪ ڪمار جي گهرواري جي درخواست تي مختلف ٻڌڻين کانپوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته، تڏهوڪي ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ هاڻوڪي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ سميت ان مقابلي ۾ شريڪ سمورن پوليس اهلڪارن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏوهاري ڄاڻائي زخمي ڪيل ڊاڪٽر ديپڪ واري واقعي جي جاچ لاءِ سينئر  پوليس آفيسر ولي الله دل جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي به جوڙي ڇڏي آهي،  جنهن ۾ عدالت ٻن ڊي ايس پيز، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي نمائندن کي به شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ پنهنجي فيصلي ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي حڪم ڪيو آهي ته، ڊاڪٽر ديپڪ کي سرڪار طرفان 50 هزار رُپيا ماهوار خرچ ڏنو وڃي، جڏهن ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته وڏي وزير طرفان به ڊاڪٽر ديپڪ جي علاج لاءِ اعلانيل رقم فوري طور جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته ڊاڪٽر ديپڪ کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻو پوي ته موڪليو وڃي، تڏهن به علاج جو سمورو خرچ سنڌ سرڪار ادا ڪندي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر ديپڪ جي گهرواري جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر ديپڪ کي بيدرديءَ سان نشانو بڻايو ويو، کيس زخمي ڪرڻ بعد پوليس سندس مرڻ جو انتظار ڪندي رهي. هڪ سُکئي ستابي خاندان جو گهر اُجاڙيو ويو آهي، هن وقت ڊاڪٽر ديپڪ جو ڪُٽنب ڪسمپرسي واري حالت مان گذري رهيو آهي. وڪيل پاران دليل ڏيندي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته، ڊاڪٽر ديپڪ جي ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ڪلينڪ هئي، هو مائٽن سان ملڻ لاءِ حيدرآباد ويو ته تڏهوڪي ايس ايس پي عرفان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ پوليس 16 اپريل 2015 تي کيس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو. پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪرڻ بعد ڊاڪٽر ديپڪ کي بدنام ڏوهاري شريف پنهور ڄاڻايو. پوليس اهڙن مقابلي ۾ زخمي ٿيلن کي هاف فراءِ ۽ مارجي ويلن کي فُل فراءِ سڏيندي آهي.

زندگي جو ڏيئو گُل / آپگهات قتل جو ٻيو نالو – موڳو مٽر

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *