Friday , March 29 2024

ڊاڪٽرڪليم امام نئون آءِ جي سنڌ مقرر، نئون چيف سيڪريٽري به ايندڙ هفتي مقرر ٿي ويندو

اسلام آباد/ڪراچي(رپورٽرز   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سنڌ جي تجويز تي آءِ سنڌ سرڪار جي تجويز تي آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي جي بدلي واري سفارش قبول ڪندي ڪليم امام کي نئون آءِ جي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي سرڪار چيف سيڪريٽري کي به تبديل ڪرڻ لاءِ 3 نالا سنڌ حڪومت کي اماڻي ڇڏيا آهن. وفاقي ڪيبينيٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ پن جاب جي آءِ جي ڊاڪٽر ڪليم امام کي بدلي ڪري سنڌ جو نئون آءِ جي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ڪليم امام کي آءِ جي مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ جي آءِ جي امجد جاويد سليمي کي بدلي ڪري کيس وفاقي ڪيبينيٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل ٻئي نوٽيفڪيشنز 7 سيپٽمبر کان لاڳو سمجهيا ويندا. سنڌ جو نئون مقرر ڪيل آءِ جي ڪليم امام سومر ڏينهن باقائدگي سان آءِ جي سنڌ جون ذمينواريون سنڀاليندو. وفاقي سرڪار صلاح الدين محسود کي  خيبرپختون خواه ۽ محمد طاهر کي پنجاب جو نئون آئي جي مقرر ڪرڻ وارو به نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ان کان علاوه سنڌ سماءَچار اسلام آباد جي خاص نمائندي جي رپورٽ مطابق، وفاقي سرڪار سنڌ پوليس ۾ اعليٰ سطح تي بدلين ۽ مقررن جو فيصلو ڪري ورتو، سنڌ پوليس ۾ گريڊ 20 ۽ 21 جي 12 اعليٰ آفيسرز جي پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ بدلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  ‏ذريعن موجب، سمورن پوليس آفيسرن کي پنجاب، بلوچستان يا خيبرپختونخواهه ۾ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. اسٽيبلشمنٽ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ارباب شهزاد جي هدايت تي پرو اسٽيبلشمنٽ ڊويزن ۾ فهرستون تيار ڪيون ويون آهن. اي آءِ جي مشتاق مهر، ڊي آءِ جي سي آءِ اي امين يوسفزئي، ڊي آءِ جي نعيم شيخ، جاويد عالم اوڍو، ثاقب اسماعيل ميمڻ، عامر فاروقي، سلطان خواجه، عبدالله شيخ، خادم رند ۽ ڊي آءِ جي جاويد مهر جا نالا بدلين واري فهرست ۾ شامل آهن. تيار ڪيل فهرست ۾ اڳوڻو ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر شامل آهي، هو 21هين گريڊ ۾ 22 سالن دوران مختلف علائقن ۾ مقرر  رهيو آهي. ڊي آءِ جي سي آءِ اي امين يوسف زئي به 20 سالن تائين سنڌ ۾ مقرر رهيو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي نعيم شيخ، جاويد عالم اوڍو، ثاقب اسماعيل ميمڻ 15 سالن کان سنڌ ۾ مقرر آهن. ڊي آءِ جي عامر فاروقي، سلطان علي خواجا، عبدالله شيخ کي سنڌ ۾ 10 سال ٿي چڪا آهن، ڊي آءِ جي خادم رند جاويد مهر به 10 سالن کان وڌيڪ عرصو سنڌ ۾ مقرر رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويز پاران ڪجهه ڏينهن ۾ پوليس آفيسرز جي بدلي وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *