Tuesday , April 16 2024

ڊالر تيزي سان مهانگو ٿيڻ لڳو، 10ميهنن ۾ 26 رپين کان وڌيڪ واڌ، پاڪستاني رپئي جو قدر نه رهيو

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌسماءَچار ) پاڪستان ۾ ڊالر جو اگهه گذريل 10 مهينن دوران انتهائي تيزي سان مهانگو ٿي رهيو آهي، مئي مهيني جي هلندڙ هفتي دوران ڊالر جو اگه تيزي سان وڌڻ لڳو آهي، ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن 17 مئي تي ڊالر انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ 150 رپين جو ٿي ويو ۽، جنهن   سان هڪ ڀيرو وري پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي. ڊالر مهانگو ٿيڻ باوجود اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ۾ انتگها درجي جي ٻاڙائي برقرار آهي، جمعي ڏينهن شيئرز جي ڪاوربار جي شروعات ۾ ٻاڙائي جو رجحان ڏٺو ويو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات ۾ ٻاڙائي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙرائي جي شدت 898 پوائنٽس تائين پهچي وئي آهي. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس وڌيڪ گهٽجي 33093 پوائنٽس تي اچي وئي جڏهن ته شيئرز جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب سيڙپڪارن جا 105 ارب رپيه ٻڏي ويا آهن.

ڊالر جي ملهه ۾ واڌ ۽ پاڪستاني رپئي جي اگهه ۾ لاٿ جو اندازو هن چارٽ مان لڳائي سگهجي ٿو

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *