Wednesday , April 24 2024

ڇهين کان اٺين تائين جا ڪلاسز 21 سيپٽمبر کان شروع ڪرڻ وارو فيصلو ملتوي

ڇهين کان اٺين تائين جا ڪلاسز 21 سيپٽمبربدران 28 سيپٽمبر کان کوليا ويندا: سعيد غني

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ايس ايو پيز تي عمل نه ٿيڻ سبب ڇهين کان اٺين جماعت جا ڪلاسز کولڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، تعليم کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته  سرڪاري توڙي نجي اسڪولز ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد نه پيو ڪيو وڃي، اسان کي تعليم سان گڏ ٻارن جي صحت جي به ڳڻتي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته اسڪول کوليا ويا آهن پر اڪثر اسڪولز  حڪومتي پاليسي جي خلاف ورزي ڪندي پرائمري ۽ پري-پرائمري جي اسڪولز جا ڪلاسز به شروع ڪيا ويا، اڪثر اسڪولن ۾ ايس او پيز تي مڪمل طور تي خلاف ورزي ڪئي وئي، سماجي وٿي جو به خيال نه رکيو ويو. سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته 6هين کان اٺين تائين جا ڪلاسز هاڻي 21 سيپٽمبر بدران 28هين سيپٽمبر تي کوليا ويندا. ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ ڪجهه اسڪولز کي سيل ڪيو ويو آهي. اسان چاهيون ٿا ته مرحليوار تعليمي ادارا کوليا وڃن، ان لاءِ والدين ۽ تعلمي ادارن کي مڪمل طور سهڪار ڪرڻو پوندو.

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *