Thursday , March 28 2024

ڇهين آدمشماري جا ڊويزنل ۽ ضلعي وار انگ اکر صرف سنڌسماءَچار تي

سنڌسماءَچار پاران ملڪ ۾ ٿيل ڇهين آدمشماريءَ ۾ سنڌ جا ڊويزن ۽ ضلعي سطح جا مڪمل انگ اکر هٿ ڪيا ويا آهن، جيڪي نامياري صحافي ۽ ليکڪ ممتاز بخاري جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجن ٿا.

سنڌ جي سمورين ڊويزنس ۽ ضلعن جي آبادي بابت شماريات کاتي جا عبوري انگ اکر هٿ ڪري ورتا آهن. جن موجب ڪراچي ڊويزن جي هن وقت ڪل آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 51 هزار 521 آهي، جڏهن ته گذريل آدمشماري ۾ اهو انگ 98 لک 56 هزار 318 هو.

ڪراچي ڊويزن سينٽرل ضلعو: ڪراچي ڊويزن ۾ شامل ضلعن مان سينٽرل ضلعي جي آبادي هن وقت 29 لک، 71هزار 626 ٿي وئي آهي، جيڪا پراڻي آدمشماري موجب اها 22 لک 77 هزار 931 هئي.

ڪراچي اوڀر ضلعو: ڪراچي اوڀر جي آبادي 14 لک 72 هزار 896 مان وڌي 29 لک، 7 هزار، 467 ٿي وئي آهي.

ڪراچي ڏکڻ ضلعو: ڪراچي جي ڏکڻ ضلعي آبادي 14 لک 78 هزار 47 مان وڌي 17 لک 91 هزار751 ٿي وئي آهي.

ڪراولھ ضلعو: ڇهين آدمشماري مطابق ڪراچي اولهه ضلعي جي آبادي 20 لک 89 هزار 509 مان وڌي 39 لک 14 هزار 757 ٿي وئي آهي.

ڪوررنگي ضلعو: ڪورنگي ضلعي جي آبادي 15 لک 61 هزار 742 مان وڌي 24 لک 57 هزار 19 ٿي وئي آهي.

مليرضلعو :ملير ضلعي جي آبادي 9 لک 76 هزار 193 مان وڌي 20 لک 8 هزار901 ٿي وئي آهي.

حيدر آباد ڊوزيزن

نئين آدمشماري جي انگ اکرن موجب حيدرآباد ڊويزن جي ڪل آبادي 68 لک 29 هزار 537 مان وڌي هڪ ڪروڙ 5 لک 92 هزار 635 ٿي وئي آهي. حيدرآباد ڊويزن ۾ شامل ضلعن مان حيدرآباد ضلعي جي آبادي 14 لک 94 هزار 866 مان وڌي 21 لک 99 هزار 463 ٿي وئي آهي.

بدين ضلعو: بدين ضلعي جي آبادي 11 لک 6 هزار 272 مان وڌي 18 لک 4 هزار 516 ٿي وئي آهي.

دادو ضلعو: آدمشماري جي انگن اکرن مطابق دادو ضلعي جي آبادي 11 لک 6 هزار 717 مان وڌي 15 لک 50 هزار 266 ٿي وئي آهي.

ڄامشورو ضلعو: ڄامشوري ضلعي جي آبادي 5 لک 82 هزار 94 مان وڌي 9 لک 93 هزار 142 ٿي وئي آهي.

مٽياري ضلعو: ڇهين آدمشماري جي انگن اکرن مطابق مٽياري ضلعي جي آبادي 4 لک 94 هزار 244 مان وڌي 7 لک 69 هزار 349 ٿي وئي آهي.

سجاول ضلعو: ضلعي جي آبادي 5 لک 13 هزار 702 مان وڌي 7 لک 81 هزار 967 ٿي وئي آهي.

ٽنڊو الهيار ضلعو: ٽنڊو الهيار ضلعي جي آبادي 4 لک 93 هزار 526 مان وڌي 8 لک 36 هزار 887 ٿي وئي آهي.

ٽي ايم ڪي ضلعو: ٽنڊو محمد خان ضلعي جي آبادي 4 لک 38 هزار 624 مان وڌي 6 لک 77 هزار 228 ٿي وئي آهي.

ٺٽو ضلعو: ٺٽي ضلعي جي آبادي 5 لک 99 هزار 492 مان وڌي 9 لک 79 هزار 717 ٿي وئي آهي.

شهيد بينظير ڀٽو ڊويزن: ڇهين آدمشماري جي انگ اکرن موجب شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ڪل آبادي 35 لک 10 هزار 36 مان وڌي 52 لک 82 هزار 277 ٿي وئي آهي.

شهيد بينظير آباد/نوابشاھ ضلعو: شهيد بينظير آباد ضلعي جي آبادي 11 لک 2 هزار 584 مان وڌي 16 لک، 12 هزار،847 ٿي وئي آهي.

سانگهڙ ضلعو: شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سانگهڙ ضلعي جي آبادي 13 لک 19 هزار 881 مان وڌي 20 لک 57 هزار 57 ٿي وئي آهي.

نوشهروفيروز ضلعو: نوشهروفيروز ضلعي جي آبادي 10 لک 87 هزار 571 مان وڌي 16لک، 12 هزار،373 ٿي وئي آهي.

ميرپورخاص ڊويزن: 2017 دوران ٿيل چهين آدمشماري جي انگ اکرن موجب ميرپورخاص ڊويزن جي ڪل آبادي 25 لک 85 هزار 417 مان وڌي 42 لک 28 هزار 683 ٿي وئي آهي.

ميرپورخاص ضلعو: انگن اکرن مطابق ميرپورخاص ضلعي جي آبادي 10 لک 6 هزار 329 مان وڌي 15لک 5 هزار 876 ٿي وئي آهي.

عمرڪوٽ ضلعو: عمرڪوٽ ضلعي جي آبادي 6 لک 64 هزار 797 مان وڌي 10لک 73هزار 146 ٿي وئي آهي.

ٿرپارڪر ضلعو: ٿرپارڪر ضلعي جي آبادي 9 لک 14 هزار 291 مان وڌي 16 لک 49 هزار661 ٿي وئي آهي.

سکرڊويزن: ملڪ ۾ ٿيل ڇهين آدمشماري جي نتيجن مطابق سکر ڊويزن جي ڪل آبادي 34 لک 47 هزار 935 مان وڌي 55 لک 38 هزار 555 ٿي وئي آهي.

سکر ضلعو: سکر ضلعي جي آبادي 9 لک 31 هزار 387 مان وڌي 14 لک 87 هزار 903 ٿي وئي آهي.

خيرپور ضلعو: خيرپور ضلعي جي آبادي 15 لک 47 هزار 751 مان وڌي 24 لک 4 هزار 334 ٿي وئي آهي.

گهوٽڪي ضلعو: آدمشماري نتيجن مطابق گھوٽڪي ضلعي جي آبادي 9 لک 68 هزار 797 مان وڌي 16 لک 46 هزار 318 ٿي وئي آهي.

لاڙڪاڻو ڊويزن: انگ اکرن موجب لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪل آبادي 42 لک 10 هزار 650 مان وڌي 61 لک 92 هزار 380 ٿي وئي آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي آبادي 10 لک هڪ هزار 608 مان وڌي 15 لک 24 هزار391 ٿي وئي آهي.

جيڪب آباد ضلعو: جيڪب آباد ضلعي جي آبادي 7 لک 27 هزار 190 مان وڌي 10 لک 6 هزار297 ٿي وئي آهي.

ڪشمور ضلعو: ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي آبادي 6 لک 77 هزار 120 مان وڌي 10لک 89 هزار 169 ٿي وئي آهي.

قمبر-شهدادڪوٽ ضلعو: قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي آبادي 9 لک 24 هزار 294 مان وڌي 13 لک 41 هزار 42 ٿي وئي آهي.

شڪارپور ضلعو: شڪارپور ضلعي جي آبادي 8 لک 80 هزار 438 مان وڌي 12 لک31 هزار 481 ٿي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *