Saturday , April 20 2024

ڇا سنڌ اڃا تائين ڪالوني آهي؟ بلاول ڀٽو زرداري

گئس سنڌ ۽ بلوچستان پيدا ڪن ٿا پر انهن کي حق نه ٿو ملي، ڇا سنڌ اڃا تائين ڪالوني آهي؟ بلاول ڀٽو زرداري

ملير (رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آءِ جي سنڌ جي تبديلي واري معاملي تي وفاقي سرڪار تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو آهي ته ڇا سنڌ اڃا تائين به ڪالوني آهي جو پنهنجي ڪمن لاءِ ٻين ڏانهن ڏسڻو پوندو، سنڌ ۽ بلوچستان گ.ئس پيدا ڪري رهيا آهن پر انهن کي پنهنجو حق نه پيو ملي، هتي ٻه قانون آهن آءِ جي سنڌ جي تبديلي ۾ دير ۽ حصي جو پاڻي نه پيو ملي، ڌاٻيجي ۾ ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ نئين سر تعمير ڪيل واٽرپمپنگ اسٽيشن جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، وفاقي سرڪار سنڌ جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، ارسا يا ڪنهن ٻي صورت ۾ پڇڙيءَ جي ماڻهن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪا حڪومت ڀارت خلاف پڇڙيءَ تائين پاڻي نه پهچڻ تي آواز اٿاري رهي آهي، اُها ئي سنڌ کي حصي جو پاڻي نٿو ڏئي. سنڌ جي عوام جي سپورٽ جي ضرورت آهي ته جيئن وفاق کان حصي جو پاڻي وٺي سگهون. پ پ چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ جي هڪ وفاقي وزير اسيمبلي جي فلور تي اقرار ڪيو آهي ته، سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، پر اڃا تائين اُن چوريءَ کي روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته توهان پنهنجو ڪم جاري رکو، ڪٺ پُتلي حڪومت پاڻهي ڪري ڪري پوندي. سليڪٽرز جنهن وزيراعظم کي آندو آهي، اُن جي پاليسيز ۾ 2 پاڪستان نظر اچي رهيا آهن. نااهل ۽ نالائق حڪومت جي پاليسي جي ڪري گئس، بجلي ۽ اٽي جو بحران سنگين ٿي ويو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو آءِ جي سنڌ ڪليم امام واري معاملي تي به ڳالهايو ۽ پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته ڇا سنڌ اڃا ڪالوني آهي جو پنهنجي ڪم لاءِ به ٻئي ڏانهن ڏسڻو پوي ٿو، پنجاب جو آءِ جي سنڌ چپٽي وڄائڻ سان تبديل ٿي وڃي ٿو، پر هن معاملي ۾ به سنڌ لاءِ قانون الڳ آهي. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ تي صوبي جو عوام ناراض آهي، وڏي وزير کي پنهنجي ٽيم رکڻ جو حق هجڻ گهرجي. وفاق کي گهرجي ته سنڌ ۾ آءِ جي مقرريءَ واري معاملي ۾ آئين ۽ قانون تي عمل ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *