Wednesday , April 24 2024

ڇاڇرو، ڏاهلي ۽ ڀرپاسي ۾ هارين تي ظلم خلاف احتجاج، تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ڇاڇرو (رپورٽ: فتح سومرو    سنڌسماءَچار) ڇاڇرو ۽ ڏاهلي سميت ٿر جي مختلف علائقن ۾ زميندارن پاران هارين ۽ زرعي مزدورن تي ظلم ۽ ڏاڍاين خلاف سنڌ هاري ڪميٽي جي سڏ تي ڇاڇري ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن چيو آهي ته بااثر زميندار هارين خاص طور تي زرعي مزدورن کان پورهيو ڪرائي کين اُجورو ڏيڻ بدران ان کي ونگار يا بيگر قرار ڏئي هٿين خالي واپس ڪري ڇڏين ٿا، هاڻي اهو ظلم برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڇري، سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪامريڊ ڏامرومل، ڪامريڊ اقبال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏاهلي ۽ ڀرپاسي جي هارين ۽ زرعي مزدورن ڇاڇري شهر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي مظاهري کي خطابي ڪندي هاري اڳواڻن چيو ته، تَر جا بااثر زميندار ۽ جاگيردار هارين ۽ زرعي مزدورن خلاف ظلم ڪري رهيا آهن جنهن جو شڪايتن باوجود ڪير به تدارڪ ڪرڻ وارو ناهي، زميندار هارين ۽ مزدورن کان بيگر وٺي رهيا آهن ۽ هارين جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن، هنن چيو ته هاڻي زميندارن جي ظلم خلاف احتجاجي تحريڪ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، هارين کي سندن فصلن جو به پورو حساب نه ٿو ڏنو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته هارين ۽ زرعي مزدورن کان ونگار جي نالي تي بيگر وٺڻ بند ڪري زرعي مزدورن کي اجورو ادا ڪري هارين کان بيگر وٺڻ بند ڪئي وڃي، هنن اهو به مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت فوري طور تي سنڌ ۾ ٽيننسي ايڪٽ لاڳو ڪري ان تي عمل ڪرايو وڃي، ان سلسسلي ۾ سنڌ حڪومت قدم کڻي انصاف ڏياري.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *