Friday , April 19 2024

ڇاڇرو، بدين ۽ بٺورو سميت مختلف علائقن ۾ باهه جا واقعا، 500 کان وڌيڪ اجها سڙي ويا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به باهه جا خوفناڪ  واقعا ٿيا، جنهن ۾ ڪيترائي گهر سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا آهن، ميرپور بٺوري ويجهو گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه معصوم ٻارڙا سڙي فوت ۽ هڪ پيرسن سخت زخمي ٿي پيو آهي، بدين ويجهو باهه متاثرن جي واهر لاءِ انتظامي عملدار يا ڪو چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو، رينجرز جي جوانن متاثرن وٽ پهچي راشن ورهايو.

ميرپور بٺوري ويجهو ڳوٺ حاجي محمد رحيم شوري ۾ انتهائي دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو.

مڱڻهار برادري جي گهرن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه معصوم  ٻارڙا چئن ورهين جي فرزانا ۽ 6 ورهين جو ناظم سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ پيرسن زوار حسين سڙي زخمي ٿي پيو.

باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ رکيل الهه تلهه سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو، جڏهن ته متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

ٺل ويجهو ڳوٺ داد محمد جکراڻي ۾ باهه لڳڻ سبب ٽي  گهر سڙي رک ٿي ويا جڏهن ته ڳوٺ  محمد صديق آرائين ۾ پڻ  باهه لڳڻ سبب ٽن جريبن تي بيٺل ڪڻڪ جو فصل سڙي خاڪ ٿي ويو.

روهڙي ويجهو اروڙ ڳنڍي ۾ ميربحر برادري جي ٽن گهرن کي باهه وڪوڙي وئي  جنهن جي نتيجي ۾ گهرن اندر رکيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

اطلاع باوجود فائر برگيڊ نه پهتي، جنهن ڪري باهه سمورن گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

پير ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ عبدالله ناريجي ۾ باهه لڳڻ سبب 10پورهيتن علي محمد ناريجو، صدرالدين، غلام حسين، صفدر، علي در، شهمير، عنايت، قادن، امير ۽ ياسين ناريجو جا گھر مڪمل طور سڙي رک ۾ تبديل ٿي ويا.

ٻئي پاسي گذريل ڏينهن بدين ويجهو  ڳوٺ يوسف سومرو جا باهه متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جڏهن ته ڪو به انتظامي عملدار يا چونڊيل نمائندو سندن لڙي نه آيو آهي.

ٿر رينجرس جي سپريٽينڊنٽ تيمور جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڳوٺ يوسف سومرو پهچي باهه متاثر ڳوٺاڻن جي 15 ڪٽنبن ۾ هڪ مهيني جو راشن  ورهايو.

ان کانسواءِ رينجرز جي جوانن اڄ شام جو باهه جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڳوٺ اڏاڻي پهچي  متاثرن ۾راشن پڻ ورهايو.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ  جي ايم اين اي لال مالهي ۽ حليم عادل شيخ باهه متاثرن وٽ پهچي کين 50 هزار روڪ رقم ۽ 3 سم ئو خيما فراهم ڪيا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *