Friday , April 19 2024

چين مان 145 ڄڻا اسلام آباد پهچي ويا، ڪو به مسافر ڪرونا متاثر ناهي

چين مان 145 ڄڻا اسلام آباد پهچي ويا، پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ست ماڻهن جي طبي چڪاس هلندڙ آهي:خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان پاران ڪرونا وائرس سبب احتياطي طور چين سان بند ڪيل هوائي آڦريشن ٻيهر بحال ٿيڻ بعد 145 مسافر چيني هوائي ڪمپني جي جهاز ذريعي اسلام آٻاد پهچي ويا آهن، جن ۾ 143 شاگرد شامل آهن، چيني سدرن ايئرلائينز جو مسافر جهاز اڄ صبح جو نائين وڳي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتو. سينئر  سيڪريٽري ايوي ايشن عبدالستار کوکر ٻڌايو آهي ته هاڻي پاڪستان ۽ چين جو هوائي آپريشن مڪمل طور تي بحال ٿي چڪو آهي. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته سمورن مسافرن کي ڪرونا اسڪريننگ ڪري کين مڪمل طور تي ڪليئر هجڻ کانپوءِ وڃڻ ڏنو پيو وڃي.

ايئرپورٽ عملدارن موجب واپس ايندڙ شاگرد غيرملڪي ايئر لائن جي ذريعي بينڪاڪ رستي رات لاهور پهتا، جن ۾ هڪ شاگردياڻي به شامل آهي، ايئرپورٽ عملدارن موجب شاگردن کي مڪمل اسڪريننگ کانپوءِ گهرن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ڊاڪٽر ظفر مرزا اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، ڪرونا وائرس کان بچاءِ لاءِ ميڊيڪل ڪٽس به گهرايون ويون آحن جيڪي لاڳاپيل اختيارين کي ملي ويون آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪرونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي شڪ ۾ 7 مريضن جي تشخيص وارو عمل جاري آهي، جنهن جون رپورٽس ملڻ بعد ئي حتمي طور تي ڪجهه چئي سگهگجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *