Friday , March 29 2024

چين جي ايگزم بئنڪ بئنڪ سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ اوڌر تي وڏي رقم ڏيڻ لاءِ راضپو ڏيکاريو آهي: مراد علي شاھ

PAK- china

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  چيني بئنڪ سنڌ جي توانائي سميت مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ اُڌارا ڏوڪڙ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، چين جي مدد سان تڪڙو ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو.

چين جي دوري تان موٽي اچڻ بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سي ايم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم سان گڏ ڪيل چين واري دوري کي ڪامياب سڏيندي چيو ته اُڌارا ڏوڪڙ ڏيندڙ چائنا جي ايگزم بئنڪ جي نائب صدر سان ملاقات ڪري کيس ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبي لاءِ اُڌارا پئسا ڏيڻ واري عرضي منظور ڪرڻ لاءِ چيو. مراد علي شاهه چيو ته سندس عرضي چيني بئنڪ جي صدر هڪ نمائندو مقرر ڪيو آهي. چين جي ايگزم بئنڪ پشاور ميٽرو ۽ ڪوئيٽا ميٽرو منصوبن لاءِ به قرض ڏيڻ لاءِ چيو آهي پر اتان جي صوبائي حڪومتن انهن منصوبن جون فزيبلٽي رپورٽون تيار نه ڪيون آهن. سي پيڪ ۾ شامل ٿيل ڌاٻيجي خصوصي معاشي زون ۽ ڪيٽي بندر جي انفرا اسٽرڪچر جي ترقيءَ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ اُهي ٻئي منصوبا سنڌ ۾ ترقيءَ جي نئين باب جي شروعات هوندا. مون کي خوشي آهي ته چين ۾ ٿيل اجلاسن دوران ناڻي ۽ منصوبابندي وارن وفاقي وزيرن ۽ پنجاب جي وڏي وزير مون سان سهڪار ڪيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ بجليءَ جي بحران جو حل سنڌ ۾ ٿرڪول جي صورت ۾ موجود آهي، چين ۾ قرض ڏيندڙ بئنڪ جي نائب صدر کي اها به درخواست ڪئي ته سنڌ جي توانائيءَ وارن منصوبن لاءِ اوڌر ڏني وڃي، جنهن تي بئنڪ جي نائب صدر راضپو ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سي پيڪ منصوبن کي خطرا موجود آهن، پر انهن جي سيڪيورٽي لاءِ فورس به موجود آهي. ون روڊ ون بيلٽ سي پيڪ جو هڪ ننڍو حصو آهي، اسان سي پيڪ جو جوائنٽ ورڪنگ جو اجلاس ڪراچي ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن جي ميزباني لاءِ تيار آهيون. سي پيڪ منصوبن ۾ اهو اسان تي دارومدار ڪري ٿو ته چين جي مزدورن کي آڻيون يا مقامي ماڻهن کي تربيت ڏنيون ۽ پنهنجن ماڻهن کي تربيت ڏينداسين ته ان سان فائدو ٿيندو.

مرادعلي شاهه جو چوڻ هو ته، اُهو تاثر غلط آهي ته چيني مزدور هتي اچي اسان جي مزدورن کي بيروزگار ڪندا. سي پيڪ جي منصوبن جي سيڪيورٽي لاءِ پاڪستان آرمي جي هڪ سڄي ڊويزن مقرر ٿيل آهي ۽ بلوچستان ۾ مزدورن کي مارڻ ملڪ دشمن عمل آهي، اُن معاملي تي بلوچستان حڪومت سان ڳالهائيندس ته جيئن جوابدارن کي سزائون اچي سگهن.

وڏي وزير پريس ڪانفرنس دوران صحافين پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، ڪنهن به سياسي پارٽي يا گروپ کي ڪراچي شهر هاءِ جيڪ ڪرڻ نه ڏينداسين. مصطفيٰ ڪمال الطاف حسين ٽو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڪراچي جو امن فورسز جي قربانين ۽ وڏين ڪوششن سان بحال ڪيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ خراب ڪرڻ نه ڏينداسين. اُهي ماڻهو پنهنجن ذاتي سياسي مفادن خاطر ڪراچي شهر کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اُهي مطالبا پيش ڪري رهيا آهن، جن تي اڳ ۾ ئي سنڌ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت پي ايس پي وارن کي ايف ٽي سي تائين احتجاج ڪرڻ جي اجازت ڏني پر انهن ان اجازت جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ريڊ زون طرف مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ڪري انهن تي واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ويو. سنڌ حڪومت ڪنهن به پارٽي يا گروپ کي شهر کي بلاڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر اُهو احتجاج قانون جي دائري ۾ رهي ڪري ڪرڻ گهرجي. پي ايس پي وارن پهريان واعدو ڪيو ته ايف ٽي سي تائين احتجاج ڪندا پر بعد ۾ ان جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ميڊيا ۾ اچي چيو ته هو وزيراعليٰ هائوس ويندا ۽ هو وزيراعليٰ هائوس اچي ڪيترن ئي ماڻهن کي متاثر ڪن ها، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. احتجاج دوران گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو آهي. هنن کي شهر جي ماڻهن جو خيال رکڻ گهرجي، ڇو ته شهر جو امن سالن کانپوءِ بحال ٿيو آهي ۽ مصطفيٰ ڪمال ڌمڪي آميز زبان استعمال ڪرڻ بند ڪري، هو الطاف حسين ٽو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڇا قانون ٽوڙڻ لاءِ عورتن ۽ ٻارن جو استعمال ڪرڻ گهرجي؟.

سنڌ ۾ 20-20 ڪلاڪ بجلي بند هجڻ باوجود ڳرا بل موڪليا وڃن ٿا: مراد علي شاھ جو سنڌ اسميبلي ۾ خطاب

CM in SA

سنڌ اسيمبلي سنڌ ۾ ٿيندڙ 20 ڪلاڪن تائين بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ وڌيڪ بل اُماڻڻ ۽  سنڌ ۾ خانگي طور لڳايل  پاور پلانٽس جي بجلي جا اگهه نيپرا پاران گهٽائڻ خلاف الڳ الڳ ٺهراءُ منظور ڪري ورتا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بجليءَ جون سموريون رهتون ادا ڪرڻ باوجود سنڌ سان بجليءَ جي معاملي تي ظلم ڪيو پيو وڃي، 20-20 ڪلاڪن تائين بجلي بند ڪئي پئي وڃي. اِهو عمل سنڌ جي عوام سان وڏي زيادتي آهي.

وفاقي حڪومت سنڌ سان هر معاملي تي ظلم ڪري رهي آهي. ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبر خرم شير زمان لوڊشيڊنگ جي حوالي سان هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ايوان ۾ ٺهراءُ تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته بجليءَ واري معاملي تي ڪالهه به پاڻي ۽ بجليءَ واري وزارت جي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ کين چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو وڃي، ڇو ته عوام اُن ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب وڏي عذاب کي ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي سنڌ ڏانهن رهيل بجليءَ جون سموريون رهتون ادا ڪري ڇڏيون آهن ۽ اُن جا ثبوت به اسان وٽ موجود آهن پر اُن باوجود سنڌ ۾ 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪري ظلم ۽ زيادتي ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *