Friday , March 29 2024

چيف جسٽس جو ضياءَ الدين اسپتال ۾ شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي ڇاپو،شراب جون بوتلون هٿ

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ڇنڇر ڏينهن صبح جو سوير خانگي اسپتال ضياءُ الدين اسپتال پهچي ويو، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ موجوده پ پ پ ايم پي اي شرجيل ميمڻ جي ڪمري تي ڇاپو هنيو، چيف جسٽس جي جي پهچڻ تي ڪمري ۾ شراب جون بوتلون، سگريٽن جا پاڪيٽ ۽ ٻيو سامان به موجو هو جيڪو چيف جسٽس تحويل ۾ وٺرائي ڇڏيو؛ اطلاع آحن ته ان موقعي تي چيف جسٽس شرجيل ميمڻ کان سندس طبعيت بابت به پڇيو. پوليس ٻن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڪمرو سيل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد ڪيس به داخل ڪيو وينديو. چيف جسٽس پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ آصف زرداري جي ذاتي دوست ڊاڪٽر عاصم حسين جي ملڪيت ضياءَ الدين اسپتال تي ڇاپو هنيو. چيف جسٽس اسپتال ۾ پهچڻ بعد سڌو ان ڪمري ۾ پهتو جنهن ۾ پ پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ داخل هو.

اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته، چيف جسٽس صبح جو سوير جيئن ئي اسپتال پهتو ته ساڻس ڪو پروٽوڪول نه هو، پر لوئر اسٽاف کان جڏهن چيف جسٽس تعارف ڪرائي پڇيو ته شرجيل ميمڻ ڪهڙي فلور ۽ ڪمري ۾ داخل آهي ته، اسٽاف گهٻرائجي ويو ۽ کيس شرجيل جي ڪمري تائين پهچايو، پر محسوس ائين ٿي رهيو هو ته، چيف جسٽس کي شرجيل ميمڻ جي ڪمري نمبر بابت مڪمل ڄاڻ هئي. چيف جسٽش شرجيل ميمڻ جي ڪمري ۾ پهتو ته سندس ڪمري ۾ شراب جون 3 بوتلون مليون ۽ ان ئي ڪمري مان سگريٽن جاپاڪيٽ، لائٽرس ۽ ڪجهه ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو. (ٻئي سامان بابت ڪير به ڪجهه نه پيو ٻڌائي ته اهو ٻيو سامان ڪهڙو هو) شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان شراب جون بوتلون هٿ اچڻ بعد پوليس شرجيل ميمڻ جي ٻن ذاتي ملازمن جن ۾ هڪ ڊرائيور به شامل آهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڊي آءِ جي ناصر آفتاب جو چوڻ آهي ته، شرجيل ميمڻ جي ملازمن کي باقائده گرفتار ناهي ڪيو ويو پر انهن کان پڇا ڳاڇا لاءِ کين حراست ۾ ورتو ويو آهي. ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جاچ ايس ايس پي ڪراچي ڏکڻ جي نگراني ۾ هلندڙ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *