Saturday , April 20 2024

سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان جي مخالفت باوجود چيف جسٽس ثاقب نثار پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالاباغ ڊيم هر صورت ۾ اڏڻ جو اعلان

لاهور ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ٽن صوبن جي اسيمبلين پاران رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم هر صورت ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، لاهور بار جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، ڪالاباغ ڊيم ملڪي بقاءَ ضامن آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار لاهور ۾ وڪيل برادري پاران سندس مان ۾ ڏنل تقريب کي خطاب دوران چيو ته،  ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت تان هٿ ناهي کنيون، ديامر ڀاشا ڊيم اڏاڻ کانپوءِ ڪالاباغ ڊيم تي قوم جو اتفاق ٿي ويندو ته ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺاهينداسين. اخوت فائونڊيشن ۾ ڊيمز جي اڏاوت لاءِ قوم فنڊز جمع ڪرائي رهي آهي، اهو جذبو ڏسي مطمئن آهيان ته ڊيمز ضرور ٺهندا.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ڪالاباغ ڊيم بابت چيو ته، جڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو سوچيو ته خبر پئي ته، اهو ڊيم يعني ڪالاباغ ڊيم ايترو جلد نه ٺهي سگهندو، پر اهُو ڊيم (ڪالاباغ ڊيم) ٺهندو ضرور. هن چيو ته اڄ کان لڳ ڀڳ 4/5 مهينا اڳ جڏهن ڪوئيٽا ۾ هيس ته پاڻي جي مسئلي بابت اصل خبر اتي پئي. مونکي ڪوئيٽا ۾ خبر پئي ته بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل نه ٿيو ته ماڻهو لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

ياد هجي ته سنڌ اسيمبلي، ڪي پي ۽ بلوچستان جون صوبائي اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪيون آهن. انهن مان سنڌ اسيمبلي 3 ڀيرا ڪالاباغ ڊيم خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي. ان کان علاوه اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي پاليسي بيان ۾ اهو اعلان ڪيو هو ته، هاڻي ڪلاباغ ڊيم جو راڳ بند ٿيڻ گهرجي ۽ اهو ڪنهن به صوورت ۾ نه ٺهندو. ان تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين سوال اٿاريو آهي ته، چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ان جي باوجود صوبائي اسيمبلين جي ٺهرائن ۽ پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي پاليسي بينا جي ڪا به اهميت ناهي..؟؟

ڊيم روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪندس، مُلڪ نه هجي ها ته اعتزاز جو منشي هجان ها: چيف جسٽس ثاقب نثار

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *