Thursday , March 28 2024

چوڌري نثار پاڪستان کي نوازستان بڻائي ڇڏيو آهي: شرجيل ميمڻ

Chaudhary NisarSharjeel PC1

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته، چوڌري نثار پاڪستان کي نوازستان سمجهي ٿو پر اسان پاڪستان کي نوازستان بڻجڻ نه ڏينداسين، اسلام آباد کان ڪراچي ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته دبئي مان اسلام آباد پهچڻ تي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو.

ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته، چوڌري نثار کي گهرجي ته هُو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا شامل ڪرڻ واري پاليسي جو نئين سر جائزو وٺي.

شرجيل ميمڻ چيو ته، دبئي وڃڻ کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير کان اجازت وٺي علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه ويو هئس پر، منهنجي پرڏيهه ڀڄي وڃڻ جون خبرون هڪ سازش تحت هلرايون ويون.

هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس عارضي ضمانت منظور ڪري پنهنجي حڪم ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي هئي، پر وفاقي ادارن عدالتي حڪمن جي پاسداري نه ڪئي.

شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي ته کيس گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو، اغوا ڪندڙن ڪيترائي ڪلاڪ پاڻ وٽ رکڻ دوران پڇاڳاڇا بعد ڇڏي ڏنو، جيڪڏهن آءُ چاهيان ته اهڙو عمل ڪندڙن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي سگهان ٿو.

شرجيل ميمڻ چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاڪستان کي نوازستان بڻائڻ چاهي ٿو پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، پاناما اسڪينڊل ۾ نالا شامل هجڻ باوجود شريف ڪٽنب جي ڪنهن به فرد جو نالو اي سي ايل ۾ نالا شامل ناهن ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *