Saturday , April 20 2024

چونڊون ڪيتريون به شفاف ٿين، ايندڙ حڪومت لولي لنگڙي هوندي: خورشيد شاهه

سکر(رپورٽر   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سگهارين قوتن نتيجا تبديل ڪيا ته قوم کين معاف نه ڪندي هن، مايوسي ظاهر ڪندي چيو آهي ته، چونڊون ڪيتريون به شفاف ٿين ۽ ايندڙ حڪومت ڪير به ٺاهي پر اها حڪومت لولي لنگڙي ۽ انتهائي ڪمزور هوندي. سکر جي ليبر ڪالوني ۾ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته، پاڪستان جو دشمن پرڏيهي قوتون سرگرم ٿي ويون آهن، پر پاڪ فوج ۽ قوم ملڪ خلاف ٿيندڙ هر قسم جي سازشن کي ناڪام بڻائيندي. ھاڻي اليڪشن فوج جي نگراني ۾ ٿيندي فوج خراب حالتن ۾ اسان ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ڪندي آهي، اسان بد قسمت قوم آھيون اسان شهيد ڀٽي جهڙي ڏاھي ليڊر کي شھيد ڪيو. خورشيد شاھ چيو ته آر اوز اليڪشن کي جمھوريت خاطر برداشت ڪيو.

هر ڀيري اليڪشن ۾ ووٽ وٺندڙ پيئڻ جو صاف پاڻي به نه ڏئي سگهيا: پي ايس 28 جو اميدوار نثار شر

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *