Saturday , April 20 2024

چمبڙ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج، هاري پاڻ کي ڇريون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو

ٽنڊو الهيار (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جي زرخيز ضلعي ٽنڊو الهيار ۾ پاني جي کوٽ سبب آبادگار ۽ هاري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڻي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ به احتجاج جو سلسلو جاري آهي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن  ته چمبڙ ۾ آبادگارن احتجاج دوران پاڻ کي مٿي ۾ ڏنڊا ۽ ڇريون هڻي ماتم ڪيو. چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف ٽنڊوالهيار-ٽنڊو غلام علي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي پاڻ کي مٿي ۾ ڏنڊا ۽ ڇريون هڻي ماتم ڪيو.  ان موقعي تي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار آفتاب جوڻيجو ۽ ايڪسين ظهير ميمڻ ڌرڻي واري هنڌ پهچي انصاف جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ نارا ڊسٽري جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ ۽ شاخ جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف غلام محمد گاڏهي ۽ محمد چنا جي اڳواڻي ۾ ڪميونٽي سينٽر کان بس اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ڪنري ۾ ٽيل شاخ جي آبادگارن 5 مهينن کان شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪرڻ خلاف غلام قادر چانڊيو، موسا سولنگي ۽ عمران سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو. آبادگارن چتاءُ ڏنو ته 3 ڏينهن اندر شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ڪيو ويو ته ڊائريڪٽر نارا ميرپورخاص جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. ڍورونارو ۾ ڪانگڙي ۽ ڪنڊياري شاخ جي آبادگارن محمد اشرف ڏاھري ۽ لقمان مھر جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن سرھاڙي شاخ تي ميرپورخاص-عمرڪوٽ تي ڌرڻو ھنيو.

ڪڍڻ ۾ ڪامارو شاخ جي آبادگارن آر ڊي 10 وٽ دڪو قائم ڪري پوڇڙ جو پاڻي روڪڻ خلاف محمد حنيف کوکر، سومار خان چانگ ۽ مولابخش چانگ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.آبادگارن چتاءُ ڏنو ته چئن ڏينهن اندر شاخ جي آر ڊي 10 وٽ لڳل دڪو ختم نه ڪيو ويو ته پنھنجي مدد پاڻ تحت دڪو ختم ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *