Friday , April 19 2024

”ڄامشورو منهنجي فڪرڀومي آهي“، غريبن جي اولاد کي بهتر تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪير نه ٿو سوچي: چيف جسٽس احمد علي شيخ

ڄامشورو( خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، سنڌ ۾ فنڊز جي کوٽ ناهي؛ پر اهي استعمال صحي انداز ۾ نه ٿيا ٿين، لڳي ٿو ته وڪيلن اخبارون پڙهڻ ڇڏي ڏنيون آهي، جيڪڏهن دنيا کي جنت نه ٿا بڻائي سگهون ته چاهيون ته گهٽ ۾ گهٽ دوزخ به نه ٿي سگهندي. ڄامشورو ته منهنجي فڪر ڀومي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ، ڪوٽڙي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڄامشورو پاران سندس مان ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، وڪيلن کان وڌيڪ سماج سڌارڪ ٻيو ڪير نه ٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن وڪيل زڪوات ڪڍن ته سماج  مثبت اثر پئجي سگهن ٿا، انهن وڪيلن جي علائقن ۾ بهتري ايندي. هر مسڪين ماڻهو هاء ڪورٽ نٿو پهچي سگهي ان لاء هيٺين عدالتن کي متحرڪ ٿيڻو پوندو. چيف جسٽس چيو ته، وڪيلن کي پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهرجي. چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو ته، آسودا ماڻهو ته پنهنجي اولاد کي وڏن خانگي اسڪولن مان تعليم ڏياري سگهن ٿا ۽ ڏيارين پيا پر؛ اسان جي هارين، پورهيتن ۽ بي پهچ ماڻهن جي اولاد کي تعليم ڪير ڏياريندو؟ انهن جي لاءِ ڪير سوچيندو؟ پر مايوس ناهي ٿيڻو، اسان سمجهون ٿا ته ججن سان گڏ وڪيلن کي غريب، هارين، پورهيتن ۽ بي پهچ ماڻهن جي اولاد کي بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪرڻي پوندي ته جيئن اهو اسڪول بهتر ٿي سگهن. سرڪاري تعليمي ادارا ۽ انهن جي تعليم جو معيار بهتر ٿيندو ته ان سان غريب ماڻهن جا ٻار بهتر تعليم حاصل ڪري سگهندا ۽ معاشري ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري سٺو مقام حاصل ڪري سگهن ٿا.

چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته، مان غريب رهيو آهيان، مان به انهن  سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪئي آهي پر اڪثر ججن، وڪيلن جي انهن سرڪاري اسڪولن مان تعليم حاصل ڪري اڳتي آيا آهن. هن چيو ته اڳي يونيورسٽن ۾ علام آءِ آءِ قاضي جهڙا ماڻهو هئا. هاڻ ته ان کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهو نظر اچن پيا؛ پر ڇا انهن کي اهو درد آهي ته تعليم جي بهتري لاءِاڳتي اچن اسان کي، غريبن، هارين جي اولادن جو فڪر ڪرڻو پوندو مان پنهنجي ڪم مان مطمئن ناهيان ان جو اعتراف ڪريان ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو ته ڄامشورو سان منهنجو گهرو رشتو رهيو آهي، هي ڄامشورو منهنجو جنم ڀومي نه ڀلي ناهي پر، پر فڪر ڀومي ضرور آهي. ڄامشورو ۾ پڙهڻ دوران يونيورسٽي ۾ ڪولهي، اترادي، لاڙ جا شاگرد مليا. اسان هتان سکيا آهيون، هتان ئي پڙهيان آهيون،  ان لاءِ اسان کي تعليم جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو چيف جسٽس چيو ته  ڄامشورو ايڏو خوبصورت آهي جنهن کي آڪسفورڊ هئڻ گهرجي ها، پر الائي ڇو نه ٿي سگهيو، چيو وڃي ٿو ته  ڄامشورو جي اسپتال جي بدتر حالت آهي پر  ڪڏهن ڪنهن وڪيل ان بابت ڪا پٽيشن  داخل ڪئي آهي؟ تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڃندي ان لاءِ وڪيلن جو تعاون هجڻ گهرجي.

چيف جسٽس احمد علي شيخ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، ججز سڀ ڪم ته نٿا ڪري سگهون ڇو ته اسان کي عدالتون به سنڀالڻيون آهن. حالت اها آهي جو ھاڻ ڊاڪٽرن جي اسپتالن ۾ حاضري چيڪ ڪرڻ لاءِ جج وڃن ٿا، لياقت ميڊيڪل اسپتال مان هڪ ڇوڪري خط لکيو، جنهن ۾ چيو ته مان ڪينسر ۾ ورتل آهيان. لمس اسپتال ۾ دوائون نٿيون ملن، ڇوڪري جي بيماري بابت اخبارن ۾ به خبرون آيون هيون ان جو نوٽيس ورتو پر لڳي ٿو ته وڪيل اخبارون نٿا پڙهن ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو وڪيلن کي پنهنجن ئي علائقن جي ڪا خبر نٿي پوي. اسان به اخبارن جي خبر مان به نوٽيس وٺون ٿا. اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ فنڊ جي سنڌ ۾ ڪا کوٽ ناهي پر فنڊ صحيح نٿا استعمال ٿين ان لاءِ ادارن جي بدتر حالت آهي، هن وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي جهان ڀلي جنت نه ٿئي پر دوزخ به نه ٿيندو. دعويٰ سان چئون ٿا  بهتري ضرور ايندي، حيدرآباد بئنچ ۾ اسان 6 جج ڏنا آهن پر هاڻ 7 ستون جج به ڏينداسين. اڳ اپيل گهٽ هلنديون هيون پر هاڻ انهن اپيلن کي اڪلائي فيصلا ڏيون پيا. چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته ڄامشورو خوش نصيب شهر آهي ۽ سنڌ کي هن شهر تي ناز آهي جو رٽائرڊ جسٽس امير مسلم هاني جهڙا پٽ هتان جنم ورتو، اها وڏي خوشي جهڙي ڳالهھ آهي، امير مسلم هاني تي ملڪ کي ناز آهي، امير مسلم هاني جيان شڪارپور مان اي ڪي بروهي، رام ڄيٺ ملاڻي هاڻوڪو جسٽس ڪريم خان آغا، خالد اسحاق صاحب سميت لاڙڪاڻي مان وڏي نالي وارن شخصيتن جنم ورتو آهي، ان کان اڳ ڄامشورو بار ايسوسيئشن جي جنرل سيڪريٽري راجا جواد علي ساهڙ آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڄامشورو ضلعي ۾ بحريا ٽائون نالي زمينن تي قبضن جو آزار آهي، ڪوهستان جي هزارين ايڪڙ زمين تي ڳوٺ آباد آهن اتي بحريا ٽائون ناجائز طور تي قديمي ماڻهن کي ڳوٺن مان بي دخل ڪري ناانصافي ڪئي پئي وڃي، ان لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ قدم کڻي مقامي ماڻهن کي بي دخل ٿيڻ کان بچائي، هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي سرڪٽ بئنچ کي جي جاءِ تي  مستقل ڪورٽ بئنچ ڪئي وڃي، ان لاءِ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻ ڪوششون وٺي تقريب ۾ بار جي صدر حيدر علي انڙ، سينيئرر نائب صدر نورالامين سپيو ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي پاسي ٿاڻي بولاخان ۾  چيف جسٽس سنڌ پاران ساڍا 4 ڪروڙ جي لاڳت سان نئين ڪورٽ جي بلڊنگ جو افتتاح پڻ ڪيو، تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن جسٽس عبدالرسول ميمڻ، جسٽس خادم حسين تنيو، جسٽس عبدالمالڪ گدي، جسٽس محمود علي خان، جسٽس امجد علي سهتو، ڊسٽرڪٽ سيشن جج جهانگير احمد دايو سميت وڏي انگ ۾ ججن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *