Thursday , March 28 2024

ڄامشورو- سيوهڻ روڊ تي حادثن ۾ فوتين جي وارثن کي اين ايڇ اي کي معاوضو ڏيڻو پوندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(رپورٽ  سنڌسماءَچار )  سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي- حيدرآباد موٽر وي ايم نائين جي اڏاوت ۾ ناقص مٽيريل جي استعمال تي ڪاوڙ جو اظهار، اين ايڇ اي چيئرمين کي ڇنڊ، ڄامشورو-سيوهڻ روڊ تي حفاظتي انتظامن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي عدالت رمارڪس ۾ چيو ته هاڻي هڪ به ماڻهو حادثي ۾ فوت ٿيو ته اين ايڇ اي پونيئرن کي معاوضو ڏيندي. سپريم ڪورٽ ڪراچي- حيدرآباد موٽر وي ايم نائين جي اڏاوت ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي اين ايڇ اي چيئرمين کان روڊ جي حوالي سان ورتل انتظامن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته  اين ايڇ اي اختياريون ڪجهه به نه پيون ڪن، جيڪڏهن هاڻ ڄامشوري روڊ تي حادثي ۾ هڪ به ماڻهو فوت ٿيو ته ان جي وارثن کي معاوضو اين ايڇ اي ادا ڪندي. جسٽس گلزار احمد چيئرمين اين ايڇ اي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جو ادارو مڪمل طور ڪرپٽ ٿي ويو آهي.جسٽس گلزار احمد چيو ته ايم نائن جي تعمير تي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي، آهستي آهستي گاڏيون هلندويون آهن. جسٽس گلزار احمد سوال ڪيو ته ڄامشورو- سيوهڻ روڊ تي روز ماڻهو مرندا آهن، اوهان آخر ڪهڙي وڏي حادثي جو انتظار ڪري رهيا آهيو. اين ايڇ اي چيئرمين ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڊيزائن جي خامين کي دور ڪيون، جنهن تي جسٽس گلزار احمد چيو ته اوهان ڪجهه به نه ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن ڪجهه ڪيو ها ته اهڙو حال نه هجي ها.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *