Friday , April 26 2024

“ڀٽو خاندان جي تباهي جو ڪارڻ آصف زرداري آهي”- پرويز مشرف

mushahid and zardair

نيٺ هڪ ڊڪٽيٽر کي ياد اچي ويو ته ۾ير مرتضيٰ ۽ بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو، پر عدالتن آڏو پيش نه ٿيندو. اڳوڻي آرمي چيف ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف هڪ ويڊيو بيان جاري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته “ هُو بينظير ڀٽو جي اولاد، خاندان ۽ سنڌ جي ماڻهن سان مخاطب آهي. هُو پنهنجو تجزيو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته بينظير جو قاتل ڪير آهي؟”. پرويز مشرف جو چوڻ آهي ته “ مان سمجهان ٿو ته شهيد ڀٽوجي خاندان جي تباهي جو ذميوار آصف علي زرداري آهي، خاص طور تي مرتضيٰ ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار هڪڙو ئي شخص آهي جنهن جو نالو آهي آصف زرداري، ٻنهي کي ان کي قتل ڪرايو.” ڏسڻو اهو آهي ته بينظير جي قتل سان سڀ کان وڌيڪ فائدو ڪنهن کي پهتو، مون کي(مشرف) هر طرح سان نقصان ۽ آصف زرداري کي فائدو پهتو، ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته بينظير ڀٽو بيت الله محسود ۽ ان جي ماڻهن مارايو، جنهن جون شاهديون به موجود آهن. پر، ان معاملي ۾ ڏسڻو اهو آهي ته بيت الله محسود جي پويان ڪهڙا هٿ هئا. ڇا ڪو اهڙُ شخص به هو جنهن سازش ڪري بيت الله محسود کي استعمال ڪري اُهو (بينظير جو) قتل ڪرايو”.

Asif ZardariBenazir bhutto

اڳوڻي صدر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف چيو ته  آصف زرداري بينظير ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ۾ ملوث آهي، آصف جا بيت الله محسود سان واسطا هئا. پرويز مشرف ويڊيو بيان ۾ الزام مڙهيندي چيو آهي ته بينظير جي قتل سان سڀ کان وڌيڪ فائدو آصف زرداري کي پهتو، بلاول، بختاور ۽ آصفه کلي دل سان غور ڪندا ته منهنجي بيان جو منطق سمجهي ويندا.

پرويز مشرف چيو ته مٿس بينظير ڀٽو جي قتل جو الزام لڳايو ويو آهي ۽ نالو ورتو ويو آهي. اڳوڻي صدر چيو ته ڏسڻو پوندو ته بينظير جي قتل جو فائدو ڪنهن کي پهتو آهي”.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *