Saturday , April 20 2024

ڀوتارن سنڌ جي ماڻهن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو: علي قاضي

علي قاضي    فائل فوٽو

گمبٽ( رپورٽر سنڌسماءَچار) تبديلي پسند پارٽي جي سربراهه علي قاضي چيو آهي ته ڀوتارن سنڌ جي ماڻهن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، سنڌ جا ماڻهو ڀوتارڪي نظام مان بيزار ٿي چڪا آهن، هاڻي سنڌ جي سورن جو حل ووٽ سان ئي آهي. اهڙو اظهار هن ڪنڊياري ۾ تبديلي پسند پارٽي جي آفيس جو افتتاح ڪندي علي قاضي چيو ته اسان وٽ ملڪي تاريخ ۾ ڪيترين ئي سياسي پارٽين جنم ورتو، اهي پارٽيون، ڊرائنگ رومن ۽ وڏن بنگلن ۾ فيصلا ڪنديون هيون، خواهش هئي ته اهڙي پارٽي هجي جيڪا عام ماڻهن لاءِ هجي، ڊگهي عرصي جي جدوجهد بعد هڪ اهڙي پارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي، جنهن ۾ ڪو به ڀوتار نه آهي، تبديلي پسند پارٽي عام ماڻهن جي پارٽي آهي. هن چيو ته اسان جي پارٽي ۾ موروثي سياست  جو ڪو به عنصر موجود نه آهي، ڇاڪاڻ ته موروثي سياست سان سنڌ جي عوام جو نقصان ٿيو آهي، جنهن جو علاج عام ماڻهن کي ڪرڻو پوندو.

علي قاضي جو چوڻ هو ته، ڀوتارڪي سياست مان عام ماڻهن ڀوڳيو آهي، هنن مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. اليڪشن ۾ سڄي سنڌ مان اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪندي چيو ته تبديلي پسند پارٽي جا ورڪر جهر جهنگ تبديلي جو پيغام پهچائين، دردن جو درمان ووٽ جي پرچي ۾ آهي، اهي مسئلا تڏهن حل ٿيندا جڏهن اسان پنهنجي مستقبل جو فيصلو ووٽ ذريعي ڪنداسين. تقريب کي علي شير مهر، سيد شفقت علي شاهه، پياس علي سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *