Wednesday , April 24 2024

ڀنگ حڪومت پاڻ پوکيندي: وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌ سماچار ) وفاقي ڪابينا ڀنگ پوکڻ جي منظُري ڏئي ڇڏي آهي، هاڻي حڪومت پاڻ ڀنگ پوکي ساليانو هڪ بلين ڊالرز کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻي جي آ۾دني ٿيندي، حڪومت صنعت جي استعمال طور ڀنگ جي استعمال جو لائسنس ڏنو آهي، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي واري وزارت جي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي ٽويٽ ۽ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته 2016 کان پوءِ هڪ انقلابي ريسرچ سامهون آئي آهي، ڀنگ ۾ موجود عنصر شديد درد جي مريضن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، چين هاڻي 40 هزار ايڪڙن ۽ ڪينڊا هڪ لک ايڪڙن تي ڀنگ پوکي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت في الحال پاڻ ڀنگ جي پيدوار تي وڌيڪ ريسرچ ۽ سيف گارڊ طئي ڪندي، حڪومت ڀنگ جي پوکائي پاڻ ڪندي، سندن ڪوشش آهي ته ڀنگ جي مارڪيٽ هڪ بلين ڊالر ڪمائي سگهجن ٿا. ٽويٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته ڀنگ جي حوالي سان پاڪستان ۽ افغانستان اهم ملڪ آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *