Friday , April 19 2024

ڀريا ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مراد علي شاهه تي ووٽر پاران دوڪان تي قبضي جو الزام

نوشهرو فيروز ( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڀريا واسي هڪ شهري ۽ سندس گهر واري اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پي ايس 35 تي پ پ اميدوار سيد مراد علي شاهه (سينئر) تي الزام هنيو آهي ته، هُو سندس بنيادي ووٽر آهن ان باوجود به سندن روزگار جي وسيلي دوڪان تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ سندن حمايتي ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ اگرن نتيجن جون ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جي سرعام لتاڙ ڪندي مڪاني ادارن جا سربراهه ۽ عملدار چونڊ مهم هلائڻ لڳا،ٽائون ڪميٽي ڀريا جي چيئرمين امير علي شاهه پاران پ پ اميدوار جي چونڊ مهم هلائڻ واري وڊيو سامهون اچي وئي. وڊيو ۾ امير علي شاهه پ پ اميدوار ۽ پنهنجي مامي مراد علي شاهه جي چونڊ مهم هلائيندي نظر اچي رهيو آهي.

امير علي شاهه وڊيو ۾ ناهيد ميمڻ ۽ سندس مڙس کان ووٽ گهرندي ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڌمڪيون ڏيندي به نظر رهيو آهي. امير علي شاهه جي ووٽرز کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته ماڻهو جيڪڏهن ووٽ نه ڏيندا ته پوءِ پنهنجا مسئلا به پاڻ وڃي حل ڪن. جواب ۾ ووٽر ناهيد ميمڻ چيو ته توهان جي مامي کي سدائين ووٽ ڏنا پر هن اسان جي روزگار جو ذريعو دوڪان به کسي ورتو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن مڪاني ادارن جي سربراهن کي ڪنهن جي به چونڊ مهم هلائڻ کان روڪڻ لاءِ معطل ڪري چڪي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *