Thursday , March 28 2024

ڀارت ۾ هندوانتهاپسندن جي تشدد کان بچائيندڙ سک پوليس آفيسر کي موتمار ڌمڪيون

جهاڙکنڊ(مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) ڀارت ۾ انتهاپسندن جي حملي کان هڪ مسلمان نوجوان کي بچائڻ سبب هيرو جهڙي شهرت ماڻيندڙ پوليس آفيسر  گگن ديپ سنگهه کي انتهاپسندن پاران قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. پوليس موجب حياتيءَ کي خطري سبب گگن ديپ سنگهه کي موڪل تي اماڻيو ويو آهي. اتر کنڊ رياست جو پوليس آفيسر گگن ديپ سنگهه گذريل هفتي ان وقت سموري ملڪ ۾ هيرو بڻجي ويو، جڏهن هڪ مسلمان نوجوان کي مڇريل انتهاپسندن جي هجوم کان جان بچائڻ واري سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ هو مسلمان نوجوان کي مڇريل ماڻهن جي هجوم کان بچائيندي نظر اچي رهيو آهي. ميڊيا جي رپورٽس ۽ پوليس موجب مسلمان نوجوان پنهنجي هڪ هندو دوست ڇوڪريءَ سان گڏ هڪ مندر گهمڻ ويو ته اطلاع ملڻ تي سوين انتهاپسند گڏ ٿي ويا. مڇريل ماڻهن پاران کيس تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. واقعي واري هنڌ موجود پوليس آفيسر گگن ديپ سنگهه فوري طور ايڪشن ۾ اچي ويو.

گگن ديپ سنگهه پنهنجي هڪ سپاهي جي مدد سان مسلمان نوجوان کي مڇريل ماڻهن جي حملي کان بچائڻ لاءِ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ ڌمڪين باوجود وڏي دليريءَ سان نوجوان کي ٻاهر ڪڍي آيو. سموري ملڪ ۾ گگن ديپ سنگهه جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي. گگن ديپ سنگهه چيو آهي ته مون ڪو به ڪارنامو سرانجام نه ڏنو آهي، مون رڳو پنهنجو فرض ادا ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ان وقت مان ورديءَ ۾ نه به هجان ها ته مسلمان نوجوان جي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ضرور ڪيان ها. واقعو رام نگر ضلعي ۾ پيش آيو. ڌمڪين سبب گگن ديپ سنگهه کي موڪل تي اماڻيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *