Friday , April 19 2024

ڀارت والاريل ڪشمير معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين کان ڀڄڻ لڳو

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر والاريل ڪشمير معاملي تي ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي، ڀارت پاران انڪار

واشنگٽن/نئين دهلي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران والاريل ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي واري آڇ کي ٿڏي ڇڏيو آهي، امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير مسئلي ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي چيو آهي ته اُنهي آڇ کي مڃڻ يا نه مڃڻ ڀارتي وزيراعظم مودي جو ڪم آهي. واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهين دوران ٽرمپ کان ڀارت طرفان ٽياڪڙي واري آڇ رد ڪرڻ جي حوالي سان سوال پُڇيو ويو، جنهن جي جواب ۾ امريڪي صدر چيو ته منهنجي خيال ۾ خان ۽ مودي سُٺا ماڻهو آهن، آئون سمجهان ٿو ته ٻنهي جي طبيعت هڪ ٻئي سان صحيح لڳندي. ڪشمير معاملي تي پاڪستان سان ته ڳالهه ٿي آهي، گڏوگڏ ڀارت سان به واضح نموني ڳالهايو اٿم. جيڪڏهن ٻئي ملڪ چاهيندا ته ڪو مداخلت يا مدد ڪري ته هو ڪري سگهن ٿا.

ڀارتي سرڪار به هڪ ڀيرو ٻيهر ٽرمپ جي ٽياڪڙي واري آڇ رد ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا موجب مودي سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير مسئلي کي پاڪستان ۽ ڀارت جو معاملو قرار ڏنو، اُن حوالي سان ٽئين ڌُر يا ملڪ جي مداخلت کي رد ڪيو ويو آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر بئنڪاڪ ۽ آسيان اجلاس دوران امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سان ملاقات ڪئي، جنهن جو حوالو ڏيندي ڀارتي پرڏيهي وزير ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪيو. بيان ۾ جئه شنڪر چيو آهي ته هُن نئين دهلي جي ارادي ۽ موقف جي حوالي سان امريڪي هم منصب کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پومپيو آڏو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪشمير تي ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه رڳو پاڪستان سان ئي ڪري سگهجي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *