Thursday , April 25 2024

ڀارتي آبدوز جي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار /مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فضائيه جيان پاڪ نيوي به ڀارتي ارهه زورائي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي ڀارتي نيوي جي آبدوز کي پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جي ڀڃڪڙين کان روڪي ان جي موجودگي جو راز پڌرو ڪري ڇڏيو، پاڪستان نيوي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حڪومتي پاليسي تحت ڀارتي آبدوز کي نشانو نه بڻايو نه ته  آسان ٽارگيٽ بڻ جي سگهي پئي. پاڪستان نيوي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، سامونڊي فوج اعليٰ پيشور مهارت سان هر دم چوڪس رهندي ڪاميابي سان ڀرتي ٻيڙي جو پتو لڳايو ۽ ان کي پاڪستان جي پاڻين ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ترجمان موجب سامونڊي فوج ڀارتي آبدوز کي پنهنجي موجودگي کي ڳجهو رکڻ جي هر ڪوشس کي ناڪام بڻايو ۽ سامونڊي فوج جو جديد ٽيڪنالوجي سان ليس ڀارتي ٻيڙي جو پتو لڳائڻ ڀارتي سامونڊي فوج جي ناڪامي آهي. نيوي جي ترجمان چيو آهي ته، سامونڊي فوج جي ترجمان موجب نومبر 2016ع کانپوءِ اهو ٻيو واقعو آهي جڏهن سامونڊي فوج ڀارتي ٻيڙي جو پتو لڳايو آهي. ترجمان موجب امن قائم رکڻ جي حڪومتي پاليسي کي نظر ۾ رکندي ڀارتي ٻيڙي کي نشانو نه بڻايو ويو جيڪو پاڪستان جي امن پسندي جو ثبوت آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي کان سبق حاصل ڪندي ڀارتي کي به امن طرف اچڻ گهرجي. ترجمان موجب اهو اهم ڪارنامو پاڪستان نيوي جي اعليٰ صلاحيتن جو ثبوت آهي. ترجمان موجب پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جي دفاع لاءِ سامونڊي فوج هر لمحي تيار آهي ۽ ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *