Wednesday , April 24 2024

ٿر ۾ ٽن سالن دوران 1832ٻارڙا فوت، سرڪاري يونيورسٽيز ٿر ۾ ڪئمپس لڳائينديون

ڪراچي(رپورٽ: رضا لغاري   سنڌسماءَچار) ٿر ۾ غذائي کوٽ ۽ صحت جي سهولتن جي اڻهوند سبب ٽن سالن دوران مجموعي طور هڪ هزار 832 معصوم ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا، سنڌ حڪومت جي انگن اکرن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته، 2015 دوران 198، 2016 ۾ 479، سال 2017 ۾ ساڍا چار سئو ۽ هلندڙ سال جي 9 مهينن دوران 505 ٻارڙا غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب فوت ٿيا آهن، اهڙا انگ اکر وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ ٿر جي صورتحال بابت ٿيل اجلاس ۾ ميرپور خاص جي ڪمشنر ٿر بابت بريفنگ ڏني. وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٿرپارڪر ۾ ڏڪار واري صورتحال تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير کي ڏڪار سٽيل ڏيهه ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ صحت جي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي، مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان هميشه ٿرپارڪر تي ڌيان ڏنو آهي، هر حال ۾ ٿر جي صورتحال کي بهتر ڪرڻو آهي. سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿر جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت وارِي صوبائي وزير ڊاڪٽر عزرا پيچوهو، اسماعيل راهو، سعيد غني، مخدوم محبوب الزمان، سردار شاهه ۽ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، صحت کاتي جي سيڪريٽري، ڪمشنر ميرپور خاص، ڊي سي ٿرپارڪر سميت مختلف يونيورسٽيز جي عملدارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اسان ٿرپارڪر جي هر سيڪٽر ۾ تمام گهڻا ڪم ڪرايا آهن، ان جو ڪيترو نتيجو نڪتو آهي ان بابت آگاهي ڏني وئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار پاران ٿرپارڪر کي آفت سٽيل قرار به ڏنو ويو آهي، هاڻي مسئلا ڪهڙا رهجي ويا آهن اهي اسان کي سمجهڻا پوندا. اجلاس ۾ سيڪريٽري صحت، ڪمشنر ميرپور خاص ۽ ڊي سي مختلف معاملن بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٿرپارڪر ضلعي جون 167 ديهون ڏڪار سبب متاثر ٿيون آهن، ڏڪار سٽيل ٿر ۾ ڪڻڪ پهچائڻ وارو عمل جاري آهي. هن چيو ته ٿر ۾ صحت جي سهولتن جا ڪل 269 مرڪز آهن جن مان هڪ ڊي ايڇ ڪيو، 3 تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتالون، 217 ڊسپينسريز، 40 بي ايڇ يو، 4 ايم سي ايڇ ۽ ٻه ماءُ ۽ ٻار جي سار سنڀال وارا سينٽر آهن. ڪمشنر ميرپورخاص بريفنگ ڏيندي چيو ته ٿر ۾ ڏڪار هن سال برسات نه پوڻ سبب آيو آهي، مٺي ۾ گذريل سال 261 ايم ايم ۽ هن سال رڳو 58 ايم ايم پئي آهي.

ڪمشنر ميرپورخاص وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسلام ڪوٽ ۾ هن ڀيري 24 ايم ايم، ڏيپلو ۾ 51، ڪلوئي ۾ 10، ڇاڇرو ۾ 105، ڏاهلي ۾ 120 ۽ ننگرپارڪر ۾ رڳو 40 ملي ميٽر برسات پئي آهي. اجلاس دوران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ٿر ۾ سال 2015 ۾ 398 ٻارڙن جي موت جا واقعا پيش آيا، جڏهن ته 2016 ۾ 479، 2017 ۾ 450 ۽ هلندڙ سال 2018 ۾ 505 فوتگي جا واقعا سامهون آيا آهن. ڪمشنر ميرپورخاص چيو ته ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جا ڪارڻ ٻارڙن جي وقت کان اڳ پيدائش، گهٽ وزن، خطرناڪ نمونيا ۽ گيسٽرو شامل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسان هميشه ٿرپاڪر تي ڌيان ڏنو آهي، هر حال ۾ ٿر جي صورتحال کي بهتر ڪرڻو آهي. وڏي وزير چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڏڪار جا اصل ڪارڻ برسات جو نه پوڻ آهي يا نه جا ڪي ٻيا به سبب آهن. وڏي وزير اجلاس ۾ سمورن پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز کي ٿر جي هر علائقي ۾ ميڊيڪل ڪيمپس لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اوهان کي مڪمل سهولتون ڏنيون وينديون پر يونيورسٽيز جي ڪيمپس ۾ هر سهولتون موجود هئڻ گهرجن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *