Friday , March 29 2024

ٿر ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ 30 حياتيون اجل جو شڪار، سوين ڍور مري ويا

ٿر ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ 30 حياتيون اجل جو شڪار، 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي، سوين ڍور مري ويا

ڏاهلي / ننگر پارڪر (رپورٽرز   سنڌسماءَچار ) ٿر سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سياري جي برسات جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ٿر جي مختلف علائقن ۾ وڄ ڪرڻ جي  مختلف واقعن ۾ 14 عورتن سميت 30 ڄڻا فوت ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، سوين ڍور به مري ويا آهن. ڏاهلي، ننگر پارڪر ۽ اڇڙي ٿر سميت ٿر جي مختلف علائقن ۾ 14عورتن سميت28 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، عورتن سميت 10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿي پيا آهن.

ڇاڇري ۾ گجگوڙ ۽ تيز هوا سان برسات دوران تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ وِڄـُون ڪرڻ جا واقعا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ 5 عورتن ۽ هڪ ٻار سوڌو 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، 2 عورتون به زخمي ٿي پيون. وِڄ ڪرڻ سبب هڪ سئو کان وڌيڪ چوپايو مال به مري ويو. اڇڙي ٿر ۾ وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ڌيءُ سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. اسلام ڪوٽ ۾ گجگوڙ ۽ ڳڙي سان برسات پئي آهي، جتي به مختلف ڳوٺن ۾ وِڄ ڪرڻ جا واقعا پيش آيا. جتي هڪ ناري فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ساڪري ۾ تيز برسات دوران وِڄ ڪرڻ سبب 3 ڍڳيون، 2 اُٺ ۽ 30 کان وڌيڪ ٻڪريون مري ويون. چيلهار ۽ ڀرپاسي رات کان ڳڙي سان برسات پوڻ دوران وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ نينگر سوڌو 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ماءُ ڌُيءُ زخمي ٿي پيون. چيلهار ۾۾ وڄ ڪرڻ سبب ۾ پنج ٻڪريون، هڪ مور ۽ 2 اُٺ مري ويا. برسات دوران گجگوڙ ۽ وڄ ڪرڻ سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ قرآن پاڪ جو ورد ڪرڻ لڳا. اُن کانسواءِ مٺي، ڏيپلو ۽ ننگر پارڪر ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

سکر، پنوعاقل، تنگواڻي، غوثپور، ڪنڊيارو، ڪوٽڙي ڪبير، پڊعيدن، ٺاروشاهه، نئون ديرو سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان ڪڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي. ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات پئي آهي، ڳوٺ ابراهيم مهر ۾ ڌنارن مٿان وِڄ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 4 ٻڪريون به مري ويون. تنگواڻي ۾ وقفي وقفي سان گجگوڙ سان برسات دوران وِڄ ڪرڻ سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. خانپور ۽ ڀرپاسي گجگوڙ سان برسات کانپوءِ بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، وڄ ڪرڻ سبب ڪاٽن فيڪٽري ۾ رکيل ڪپهه سڙي وئي، ميرپور ماٿيلو ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي، جان محمد سوسائٽي ۾ وِڄ ڪرڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.

ڪراچي، ڪشمور، جيڪب آباد، مورو، کاهي، داد لغاري، وارث ڏنو ماڇي ٻين علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات پئي آهي، ڪٿي گجگوڙ ۽ ڪٿي ڳڙي سان برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، اُن کانسواءِ روڊ رستن سوڌو هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، برسات جي نتيجي ۾ بجلي ۽ مواصلاتي نظام به ڊانواڊول ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *