Saturday , April 20 2024

ٿر ۾ ترقي جا نوان دڳ کليا آهن،خوشحالي کي ڪير روڪي نه سگهندو: مراد علي شاهه

Thar coal filed 02

ٿرپارڪر: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر ڪول فيلڊ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو، جنهن کي سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن سان پورو ڪيو آهي. هتي اچڻ لاءِ پرڏيهي ڪمپنيون تيار نه هيون پر هاڻ سنڌ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارن جون قطارون لڳل آهن. وڏي وزير اهڙو اظهار ٿرڪول بلاڪ 2 ۾ ڪول مائننگ جي 50 سيڪڙو تڪميل واري جشن تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار ۽ صنعتڪار، صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ڄام مهتاب ڏهر، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، سي اي او اينگرو انرجي ڪمپني شمس الدين شيخ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسلام ڪوٽ ۾ واقع ٿر ايئرپورٽ تي پنهنجي ليئر جيٽ جهاز ذريعي لينڊنگ ڪئي، جتي پهريون ڀيرو پي آءِ اي جي ٻن اي ٽي آر جهازن افتتاحي لينڊنگ ڪئي، جيڪو سموري دنيا جي سيڙپڪارن جي آمدرفت لاءِ ايئرپورٽ کوليو ويو آهي. وڏي وزير سان گڏ آيل پرڏيهي سيڙپڪارن کي ٿر ايئرپورٽ تي چونڊيل نمائندن، ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ سنڌ اينگرو ڪمپني جي شمس الدين شيخ آجيان ڪئي. وڏي وزير چيو ته اسلام ڪوٽ ۾ ايئرپورٽ جو قيام ٿرڪول ڏانهن ايندڙ سيڙپڪارن لاءِ سهولت ۽ وقت جي تحفظ جو سبب بڻجندو. ٿرڪول رٿا پاڪستان سميت خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي. هن چيو ته مقامي سيڙپڪارن کانسواءِ پرڏيهي ڪمپنين به ٿرڪول ۾ سيڙپڪاريءَ جون خواهشمند آهن. وڏي وزير جي صدرات هيٺ ٿرڪول مائننگ جي 50 سيڪڙو ڪم جي مڪمل ٿيڻ جي خوشيءَ ٿيل تقريب جي شروعات 90 ميٽر اونهي ڪان ڪني ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ ۽ قومي ترانو وڄائي ڪئي وئي. پروگرام ۾ ٿر جي ٻارن انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ٽيبلو به پيش ڪيا. وڏي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٿرڪول بلاڪ 2 ۾ ڪول مائننگ جو 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي ڪيو ويو آهي، اهو هڪ خواب هو جيڪو تعبير ٿيندي ڏسي رهيا آهيون.

Thar coal filed 01

مراد علي شاه جو چوڻ هو ته هن چيو ته اهو خواب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڏٺو جنهن کي سنڌ حڪومت عملي طور تي پورو ڪري رهي آهي. ڪول مائننگ سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن سان ڪري پئي ۽ ان منصوبي سان سموري علائقي کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته هتان 3.8 في ملين ڪوئلو ساليانو نڪرندو، پهرين مرحلي سان 608 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، ان بعد 4000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي.  پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حڪومت ٿرڪول بلاڪ 2 جي منصوبي جي متاثرن کي سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي منافعي ۾ شيئر هولڊر بڻايو آهي، ان سان گڏوگڏ اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته گرانو ۽ دڪارچو اسڪيم سان لاڳاپيل آباديون به 30 سالن جي عرصي لاءِ سڌو معاوضي وارو پئڪيج حاصل ڪنديون. منصوبي تحت شروع ڪيل ٿرڪول پروجيڪٽ هڪ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ ڀاڱيواري باڊي آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جا 54 سيڪڙو شيئرز آهن. هن چيو ته اينگرو پاورجن ٿر لميٽڊ 50 سيڪڙو تڪميل جو هدف پنهنجي مقرر ڪيل مدي کان 4 مهينا اڳ حاصل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته تاريخ ان ڳالهه جي گواهه هوندي ۽ اسانجي ايندڙ نسل به اهو ڏسندي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ملڪ جي پهرين جماعت آهي جنهن ملڪ کي توانائي جي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٿرڪول جو منصوبو پاڪستان جي ايندڙ معيشت لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿرڪول مائننگ منصوبي جي قيام سان 1700 آبادي متاثر ٿي آهي. اسان اڳئي انهن جي هر هڪ متاثر جوڙي لاءِ الڳ گهر ڏيڻ سان گڏ سموريون بنيادي سهولتون، معياري تعليم، صحت جون بهتري سهولتون، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ نيڪاليءَ واري نظام جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته ڄاڻايل علائقي ۾ هڪ مسجد ۽ هڪ مندر به تعمير ڪيو ويندو. گرانو-دڪارچو اسڪيم جي لاڳاپيل آباديءَ کي 30 سالن لاءِ هڪ بهتري معاوضي جو پيڪيج به حاصل هوندو، ان سان گڏوگڏ صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جون سهولتون به ميسر هونديون. هن چيو ته 1994ع ۾ جڏهن اهو ڪم شروع ڪيو ويو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ته ٿر مان سمورو پاڪستان روشن ٿيندو، هن وقت 10000 ميگاواٽ توانائي جا منصوبا ڪم ڪن ها جيڪڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪم کي نه روڪيو وڃي ها.

Sindh CM House 12-09-2017 (3)

جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسان جي وچ ۾ نه هئي. شهيد بينظير کي خبر هئي ته هتان سڄو پاڪستان روشن ٿيندو. هن  چيو ته ان منصوبي تي شهيد بينظير جو ڪريڊٽ ختم ڪرڻ لاءِ ايترو تنگ ڪيو ويو ته ڪوبه هتي اچڻ لاءِ تيار نه هو. اڃا آصف علي زرداري صدر نه بڻيو هو ته هن ٿر منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٿرڪول انرجي بورڊ جي بنياد به اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ رکي آهي. هن چيو ته اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي بدولت منصوبو هيستائين پهتو آهي ۽ هن ان منصوبي تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جو ٿورائتو آهيان جنهن 2 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ لاءِ 2012ع ۾ منصوبي جي خودمختار منظوري ڏني. ان کانپوءِ چونڊون ٿيون مسلم ليگ نواز جي حڪومت آئي پر هنن سنڌ حڪومت جي اهڙي ريت حمايت نه ڪئي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جڏهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سان گڏ ٿر آيو ته هن ڪجهه سپورٽ ڪئي. ٿرڪول پروجيڪٽ جي فيز هڪ تي 2 ارب ڊالر لاڳت ڪئي پئي وڃي، ايندڙ سالن ۾ سيڙپڪاريءَ جو حجم 8 اربن تائين پهچندو. هن وقت 11 بلين سنڌ حڪومت روڪ رقم ڏئي رهي آهي. ٿرڪول منصوبو آسان نه هو انڪري وفاق جي مدد گهربل هئي. هن چيو ته ٿر ڪول بلاڪ 2 جي متاثرن کي 80 سيڪڙو معاوضو ڏنو ويو آهي.

Sindh CM House 12-09-2017 (4)

هن چيو ته مارچ 2019ع ۾ ڪوئلو حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿينداسين ۽ جون 2019ع ۾ ٿر جي ڪوئلي مان بجليءَ پيداوار شروع ٿي ويندي. ڪوئلو ڪڍڻ بعد هر سال نوان پاور پلانٽ جو قيام عمل ۾ ايندو. هن وڌيڪ چيو ته ٿر جا پاور پلانٽ امپورٽيڊ ڪول مان هلائڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي، امپورٽيڊ ڪول مان هلندڙ ملڪ جي سمورن پاور پلانٽس کي ٿر ڪول سان منسلڪ هئڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم انهن پلانٽس کي ٿر سان منسلڪ ڪرڻ جيڪو بيان ڏنو هو ان تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ان منصوبي ۾ هتي جي رهواسين جو وڏو حصو آهي جن پنهنجا گهر ۽ زمينون ڏنيون، اسان انهن کي  اڪيلو ڪيئن ڇڏي سگهون ٿا. ٿر فائونڊيشن جو تمام شارٽ فال سنڌ حڪومت برداشت ڪندي، مستقبل ۾ 100 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي ان پروجيڪٽ جو حصو بڻائينداسين. هن وقت 17 سيڪڙو مقامي ماڻهو پروجيڪٽ ۾ شامل آهن. بلاڪ 2 جي سمورن متاثرن کي ٿرڪول ۾ ڀاڱيواري ڏني ويندي. ٿر جي اسڪولن ۽ اسپتالن جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ ٿر فائونڊيشن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. ٿرفائونڊيشن تعليم جي شعبي ۾ زبردست ڪم ڪري رهي آهي. مان ٿرفائونڊيشن جي ڀرپور مالي معاونت ڪندس. هن اعلان ڪيو ته اسلام ڪوٽ جي اسڪول کي اسان ٿرفائونڊيشن کي ڏئي رهيا آهيون، ان ۾ سنڌ حڪومت به شيئر هولڊر آهي، اها 100 بلين رپين جي سيڙپڪاري آهي. وڏي وزير سمورن اڳوڻن ۽ هاڻوڪن سيڪريٽري توانائي کي ان منصوبي جي حوالي سان ڪريڊٽ ڏنو. وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت 3 سيڪڙو پنهنجا شيئر ڏئي رهي آهي. گورانو ڊيم جي ماڻهن کي به اسان مالڪ بڻائي رهيا آهيون. ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي جو سڀ کان وڌيڪ فائدو مقامي ماڻهن کي ٿيندو. هن چيو ته هتان کان پاڪستان جو مستقبل وابسته آهي. ٿر فائونڊيشن کي بلڪه رائلٽي ملندي جيڪو ڳوٺن تي خرچ ڪيو ويندو. اينگرو انرجي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو شمس الدين شيخ ۽ اينگرو ڪارپوريشن جي صدر گياس خان به تقريب کي خطاب ڪيو. انهيءَ کان پهرين وڏي وزير اسلام ڪوٽ ۾ ڊرائيو ٿرو ذريعي ايئرپورٽ روڊ تي قائم 100 بيڊ سول اسپتال ۽ 1000 شاگردن تي مشتمل ٽي سي ايف اسڪول جيوڻ داس ڪامپليڪس جو سنگ بنياد رکيو.  هن ٽي سي ايف اسڪول، اينگرو ڪيمپس جي تعمير جو معائنو به ڪيو. ان بعد وڏي وزير منصوبي ۾ لائيٽ ٽرڪ هلائڻ واري عورت سان به ملاقات ڪئي. عورت ڊرائيور وڏي وزير کي ٽرڪ ۾ ويهاري ٽرڪ ڪول مائننگ ۾ پروفيشنل ڊرائيو جو مظاهرو ڪيو، واضح رهي ته هن وقت 8 سکيا ورتل عورت ڊائيور ٿر منصوبي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن تي وڏي وزير چيو ته اها هڪ تاريخ بڻجي رهي آهي

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *