Friday , April 19 2024

ٿر ڪول منصوبي ۾ ڪرپشن، سپريم ڪورٽ رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ) سپريم ڪورٽ نيب کي ٿر ڪول منصوبي ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت سلمان اڪرم راجا ۽ شهزاد الاهي عدالتي معاون مقرر ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ثمر مبارڪ چيو ته اسان 100 ميگاواٽ جو پلانٽ لڳايو، 330 ميگاواٽ جي ٽن منصوبن تي ڪم جاري آهي،چيف جسٽس چيو ته توهان پنهنجي منصوبي ساراهه نه ڪريو، اسان ڏسنداسين ته توهان ڇا ڪيو آهي؟. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ٿرڪول پراجيڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ڊاڪٽر ثمر مبارڪ پيش ٿيا. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ٿر ڪوئلي جون ٻه ڪيٽگريز آهن، هڪ حصو منصوبي جي فنڊنگ جو آهي، ٻيو مقامي سيڙپ ڪاري جو منصوبو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته مقامي سيڙپڪاري تي ڇهه منصوبا آهن، انهيءَ مان چار سي پيڪ جو حصو آهن. ايڊيشنل اٽارني جنرل  چيو ته اينگرو پاور جي منصوبي سان 660 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي، جيڪو منصوبو جون 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻو آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل  چيو ته ٿر ڪول بلاڪ ون پاور جنريشن به سي پيڪ جو حصو آهي، جنهن مان 1320 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. ٿر ڪول بلاڪ ون هن وقت تائين شروع ناهي ٿيو، انهيءَ منصوبي تي جنهن تي هڪ ڏهائي 912 بلين ڊالر خرچ ايندو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ٿر انرجي پاور ٽيون سي پيڪ منصوبو آهي، جنهن تي 492 ملين ڊالر خرچ ايندو، جڏهن ته صديق سينٽر لمٽيڊ مان 330 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، جنهن تي 426 ڏهائي 34 ملين ڊالر خرچ ايندو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ساهيول ڪول پراجيڪٽ 13 سئو 20 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. عدالت ثمر مبارڪ مند کي روسٽرم تي گهرايو. جنهن تي ثمر مبارڪ چيو ته سائنس اينڊ ڊويزن جو هڪ منصوبو شروع ڪيو، جيڪو سنڌ حڪومت جو منصوبو آهي.چيف جسٽس چيو ته اوهان کي ڪيترا پيسا مليا، جنهن تي ثمر مبارڪ چيو ته 8 ڏهائي 8 بلين رپيا منصوبي جي لاڳت سان منصوبو 2009 ع ۾ شروع ٿيو هو.

جيڪو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. ثمر مبارڪ چيو ته آڪٽوبر 2012 ۾ فنڊنگ شروع ٿي، وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي پيسا ڏنا هئا. ثمر مبارڪ چيو ته 2012 ۽ 2013 ع ۾ 9 سئو ملين مليا، 2013 ۽ 2014 ۾ هڪ هزار ملين مليا مليا هئا، جڏهن ته ته 2014 ۽ 2015ع ۾ 11 سئو 51 ملين مليا هئا. 2015 ۾ 8 ميگاواٽ بجلي شروع ٿي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿرڪول منصوبو ٺهيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پاڻ تعريف نه ڪيو، اسان ان کي پاڻ ڏسنداسين. چيف جسٽس چيو ته منصوبو ناڪام ٿي چڪو آهي، جنهن تي ثمر مبارڪ چيو ته منصوبو ناڪام ناهي ٿيو، پر پيسا ناهن مليا. آڊٽ اڳ به ٿي چڪي آهي. سپريم ڪورٽ منصوبي جو رڪارڊ سلمان اڪرم راجا ۽ پراسيڪوٽر جنرل نيب جي حوالي ڪري جو حڪم ڏنو. عدالت منصوبي جو سمورو رڪارڊ جو جائزو وٺڻ لاءِ عدالتي معاون ڪميٽي جي ميمبرن جي ڳولا ڪن.عدالت منصوبي جي ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي بابت جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين  ملتوي ڪري ڇڏي.

هي خبر به پڙهي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت خيرات وٺي يا چندو، ٿر ۾ خوراڪ جو بندوبست ڪري: چيف جسٽس ثاقب نثار

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *