Friday , April 19 2024

ٿر واسي انجنيئر ولي محمد راهمون ڀنگ لاءِ مبينا طور اغوا جي ڪيس ۾ لاهور مان گرفتار

لاهور (سنڌ سماءَ چار نيوز ڊيسڪ) سنڌ پوليس جي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ لاهور ۾ ڪارروائي ڪري ڀنگ لاءِ اغوا جي هڪ ڪيس ۾ انجنيئر ولي محمد راهمون کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس آءِ يو پوليس جو چوڻ آهي ته، ولي راهمون خلاف فريئر ٿاڻي تي ڀنگ لاءِ اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي جنهن ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس آءِ يو پوليس ولي محمد راهمو خلاف سيوهڻ جي واپاري محمد هاشم راهپوٽو فيريئر ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، فريادي چيو آهي ته ولي محمد راهمو ۽ سندس ساٿين کيس اغوا ڪيو ۽ ڀنگ طلب ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته ولي محمد راهمو روپوش ٿي ويو هو. جنهن کي ايس آءِ يو پوليس لاهور مان ولي محمد راهمو کي گرفتار ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *