Friday , April 19 2024

ٿر جي ڪوئلي جي بجلي، پنجاب کي ملڻ واري، بلاول ڀٽو زرداري افتتاح ڪرڻ لاءِ ٿر پهچڻ وارو

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد سنڌسماءَچار) ٿر جي ڪوئلي مان 330 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار نيٺ شروع ٿي وئي آهي، نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪري فيصل آباد سميت پنجاب جي مختلف شهرن کي مهيا ڪئي ويندي، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اربع ڏينهن / اڄ افتتاح ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت پاران پنجاب تائين بجلي پهچائڻ جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن افتتاحي تقريب ۾ وفاقي وزير عمر ايوب خان وفاقي سرڪار جي نمائندي طور شرڪت ڪندو. تفصيلي رپورٽ مطابق ٿر جي ڪوئي مان بجلي جي پيداوارا حاصل لاءِ سنڌ حڪومت ۽ خانگي ڪمپني سان گڏجي ڪول پاورپلانٽ جو شروع ڪيل مرحليوار منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ مڪمل ٿيل پکاور منصوبي جو پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ افتتاح ڪرڻ لاءِ ٿر پهچي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري 330 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيڻ  واري منصوبي جو افتتاح ڪندو.

ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي کي نون ليگ جي گذريل حڪومت دوراننيشنل گرڊ اسٽيشن تائين بجلي پهچائڻ لاءِ مٽياري هاءِ ٽينشن نيشنل گرڊ اسٽيشن ٽرانسميشن ذريعي فيصل آباد سميت پنجاب جي مختلف علائقن تائين بجلي پهچائي ويندي. ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي ٿر مان گذرندي ته ضرور پر اها بجلي سنڌ جي ڪنهن شهر ته نه پر ٿر جي به ڪنهن ڳوٺ کي مهيا نه ٿيندي. ان کاسواءِ ٿر جي ڪوئلي جي بلاڪ ٽو مان بجلي جي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوئلو حاصل ڪيو پيو وڃي، جنهن جي مدد سان 330 / 330 جا ٻه پاور پلانٽس لڳايا ويندا. بلاڪ ٽو جي ڪوئلي مان مجموعي طور تي پنج کان ڇهه هزار ميگواٽ بجلي تيار ڪري سگهبي جيڪا  لڳ ڀڳ 50 کان  60 ورهين تائين لاڳيتو بجلي پيدا ڪري سگهبي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *