Thursday , March 28 2024

پ پ ۽ ن ليگ سان پنهنجا ئي 14 سينيٽر ٻه هٿ ڪري ويا

سينيٽ ۾ اپوزيشن جي 64 سينيٽرز کي حڪومت ۽ اتحادين جي 23 سينيٽرز هٿا ”ضمير“ ذريعي شڪست

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين خلاف اپوزيشن جي عدم اعتماد واري تحريڪ اپوزيشن وٽ 64 ووٽ هجڻ باوجود حڪومت جي 23 ووٽن هٿان هارائجي وئي، گڏيل اپوزيشن پاران سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف عدم اعتماد واري رٿ کي ن ليگ ۽ پ پ سميت اپوزيشن جي 14 سينيٽرن پنهنجي ووٽن سان ناڪام بڻائي ڇڏيو، اڌ ڪلاڪ جي اندر سينيٽرز جا ضمير جاڳي پيا. اپوزيشن پاران سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف سينيٽ ۾ بي اعتمادي رٿ گهربل 53 ووٽ نه ملڻ ڪري ناڪام ٿي وئي ۽ ساڳئي طرح ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا خلاف وري حڪومت پاران پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ به گهربل ووٽ نه ملڻ ڪري ناڪام ٿي وئي اهڙي طرح سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جيئن جون تيئن پنهنجن پنهنجن عهدن برقرار آهن. سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪرڻ لاءِ اپوزيشن ليڊر راجا ظفرالحق ٺهراءَ پيش ڪري رولز رليڪس ڪري عدم اعتماد واري رٿ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن لاءِ پرزائيڊنگ آفيسر بئريسٽر سيف هٿ مٿي کڻائي ووٽنگ ڪرائي جنهن ۾ رٿ جي حمايت ۾ اپوزيشن جا سمورا 64 سينيٽرز اٿي بيهي حمايت ڪئي.

جنهن بعد پرزائيڊنگ آفيسر جي اجازت سان سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد واري رٿ تي ووٽنگ ٿي. ووٽنگ دوران اپوزيشن جي 64 ميمبرن به ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جڏهن ووٽن جي ڳڻپ ٿي ته، رٿ جي منظري لاءِ گهربل 53 ووٽن بدران رڳو 5 ووٽ ملي سگهيا ۽ رٿ جي مخالفت ۾ وري 45 ووٽ مليا. عدم اعتماد وري رٿ انڪري رد ٿي وئي ڇو ته ان لاءِ گهربل 53 ووٽ ن ه ملي سگهيا، جڏهن ته اپوزيشن جي 64 سينيٽرز ووٽ به ڪاسٽ ڪيو، جن ايوان ۾ ڪجهه وقت اڳ اٿي بيهي رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت واري رٿ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو هو.

ساڳي طرح جڏهن حڪومتي ڌر پاران سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي خلاف وري حڪومت پاران عدم اعتماد واري رٿ جي حمايت رڳو 23 ووٽ مليا انڪري اها به رد ٿي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *