Saturday , April 20 2024

پ پ ڪراچي ڊويزن جو صدر ۽ آصف زرداري جو بااعتماد ساٿي ڊاڪٽر عاصم عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) آصف زرداري جي ويجهي ۽ بااعتماد دوست، اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين ڪراچي ڊويزن جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي علاج لاءِ پرڏيهه هليو ويو، بلاول ڀٽو زدراري چيو آهي ته داڪٽر عاصم جي ڏيهه واپسي تي پارتي ۾ کيس اهم ذميواري ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عاصم حسين پارٽي جي ڪجهه بااثر اڳواڻن جي رويي سبب قيادت سان ناراض ٿي ويو آهي.

سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، 400 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏيندڙ، پيٽروليم واري وزارت جو اڳوڻو وفاقي وزير ۽ آصف علي زرداري جو اعتماد وارو ساٿي ڊاڪٽر عاصم حسين پارٽي ۾ موجود ڪجهه انتهائي بااثر ايم اين اي جي رويي تي ناراض آهي. ذريعن موجب ڊاڪٽر عاصم حسين پنهنجي ناراضگي جو اظهار آصف زرداري ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان به ڪري چڪو آهي.

ٻي طرف ڊاڪٽر عاصم حسين اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ڪراچي ڊويزن جي عهدي تان استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي هئي، جيڪا پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منظور ڪري ڇڏي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم علاج لاءِ پرڏيهه پيو وڃي، واپسي تي کيس پارٽي ۾ اهم ذميواري ڏني ويندي. پ پ چيئرمين چيو ته ڊاڪٽر عاصم بيماري دوران به پارٽي لاءِ ڪم ڪندو رهيو ۽ ان جون پارٽي لاءِ قربانيون آهن.  ياد رهي ته متحده سربراهه فاروق ستار سان ملاقات ڪرڻ تي فريال ٽالپر  پاران ڊاڪٽر عاصم کان وضاحت طلب ڪئي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *